مچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي حملو، 7 اهلڪار شهيد

راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي اطلاعات واري شعبي موجب، ڪالهه عسڪريت پسند تنظيم ’بلوچ لبريشن آرمي طرفان ضلعي ڪڇي جي علائقي مچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي ديسي بم سان حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ست اهلڪار شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ صوبيدار عمر فاروق، نائيڪ آصف خان، مشڪور علي، جڏهن ته سپاهي طارق نواز، محمد عاصم ۽ محمد ڪاشف خان شامل آهن، آءِ ايس پي آر، بي ايل اي کي ’ڀارتي پراڪسي‘ قرار ڏيندي چيو آهي ته "علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ علائقي جي صفائي ڪئي پئي وڃي ۽ هن ڪريل ۽ بزدلاڻي عمل ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز قوم جي ساٿ سان بلوچستان جي امن، استحڪام، ۽ ترقي کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بنائڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جي بهادر سپاهين جي اهڙين قربانين سان اسان جو حوصلو وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو، آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت ۽ ان جي ’پراڪسين‘ جي ناڪارا ارادن کي، جيڪي پاڪستاني سرزمين تي ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان جون بهادر سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا  ۽ بهادر قوم شڪست ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.