ڪراچي/لاهور(عوامي آواز نيوز) شھيد مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار جونيئر چيو آھي تھ نھ شيعو نھ سني پر مولائي آھيان ۽ مولا علي واري حق جي واٽ تي ھلڻ وارو آھيان. سنڌ اندر ڪافي سک ، ھندو عيسائي بھ پاڻ کي مولائي سڏيندا آھن. منھنجو ۽ فاطمھ جو جنم جلاوطني دوران ٿيو ۽ اسان جو اھو عزم ھيو تھ اسان پنھنجي گھر واپس وينداسين ۽ اھو اسان جو درياءَ سنڌ جي ويجھو آھي. دمشق ۾ بھ بابا جي آفيس ۾ ٻھ بوتلون ھيون ھڪ ۾ سنڌو جو پاڻي ۽ ٻئي ۾ سنڌ جي مٽي ھوندي ھئي. هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو ۾ هن چيو ته سوشلزم ۽ اسلام ۾ گھڻو فرق ناھي پر جڏھن ضياءِ جو دورو آيو تھ ھن ڄاڻي واڻي سوشلزم ۽ اسلام کي الڳ الڳ ڪري پيش ڪيو بدقسمتي سان اھو تصور کاٻي ڌر پاران اپنايو بھ ويو تھ اسلامي سياست الڳ آھي سوشلزم سياست الڳ آھي. هن چيو ته سنڌو درياءَ ھڪ دنيا آھي ان جي ڪناري ماڻھو ھندڪو ڳالھائين ٿا ، سرائڪي سنڌي ڳالھائين ٿا.ٻھ ھفتا مان سنڌو ۾ رھيس جزيرن تي خيما ھنياسين.مھاڻن جو ٻلھڻ سان الڳ واسطو ھيو اھي مون کي ٻڌائيندا رھندا ھئا تھ ٻلھڻ ڪٿي گھڻي ملندي ڪٿي گھٽ. انھن ماڻھن جي ثقافت ۽ واپار درياءِ سان جڙيل آھي.سمجھيو وڃي ٿو تھ ٺٽو ھاڻي ڊيلٽا آھي پر پورو سنڌ ڪنھن وقت ڊيلٽا ھيو نارو ڪينال ان ڊيلٽا جي ھڪ شاخ ھيو.ڪوئي ماڻھن کي درياءِ کان جدا نھ ٿو ڪري سگھي.چولستان ڪينال ماڻھن کي مالڪ مان غلام بنائي ناڻو ڪمائڻ جو پراجيڪٽ آھي. ماڻھن کي پنھنجي زمينن کان جدا ڪري ٻين حوالي ڪرڻ جو پراجيڪٽ آھي هن چيو ته ڊي ايڇ اي ۾ ڪنھن کان پڇندا تھ توھان جو پاڻي ڪٿان اچي ٿو تھ چوندا ٽينڪر مان انھن کي خبر ناھي تھ 80 کان 90 سيڪڙو پاڻي درياهه مان اچي ٿو.اھو پاڻي ڪينجھر مان ڪراچي اچي ٿو.ڪراچي سنڌ جوحصو آھي جيڪي ماڻھو اھو نھ ٿا سمجھن ايترو تھ سمجھن تھ اھو ھن پوري ماحول جوحصو آھي 1991 وارو معاھدو ٻڌائي ٿو تھ سمنڊ کي پاڻي کپي. اسان جو ماحولياتي نظام تباھ ٿي ويوآھي اھو اڄوڪو نھ پر ڏھاڪن جو مسئلو آھي،هن چيو ته ايس آئي ايف سي ھجي يا ارسا سڀني جي ڪوشش پرڏيھي سيڙپاڪاري کي لڀائڻ آھي. ھي ھرشئي کپائي رھيا آهن پاڪستان اندر ھارين جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪو نظام موجود ناھي. زميندار اگر زمينون ورھائي ڇڏين تھ اھي ڇا ڪن؟ اڄڪلھھ قبضي مافيا بھ جتي ڪٿي آھي. ٻوڏ دوران اگر اسان جي 60 سيڪڙو زمين تباھ ٿي تھ ھارين جي سئو سيڪڙو تباھي ٿي وئي. اھا مون کي پروڙ آھي،هن چيو ته مون ڪڏھن بھ نھ چيو آھي تھ ذوالفقار علي ڀٽو پرفيڪٽ ھيو.يا غلطين کان مٿانھون ھيو.1969 ۾ اھا ملٽري ڊڪٽيٽرشپ ھئي، اھو صحيح آھي تھ شيخ مجيب ان جو مخالف اميدوار ھيو ان دوران ماڻھو ھڪ ٻئي خلاف ڳالھائيندا آھن. پر ھن جي دل ۾ بنگالين لاءِ نفرت نھ ھئي. اھو سوال تھ بلوچستان ۾ تھ ٽڪا خان واري جھڙي ڪا ڳالھھ نھ ھئي اتي ھڪ آئيني اسيمبلي کي ختم ڪري آپريشن ڪيو ويو ان تي جونيئر ذوالفقار چيو تھ اھا ھڪ بدقسمتي ھئي.جيڪا ٻيھر نھ ٿيڻ گھرجي، بلوچ ماڻھن گھڻو ڀوڳيو آھي.بدقسمتي سان ذوالفقار علي ڀٽو ڪجھھ قدم کنيا جيڪي ملٽري پاران سيٽ ڪيا ويا ھئا. بدقسمتي سان مان تاريخ بابت گھڻو نھ ٿو ڄاڻان تھ حقيقت ۾ اتي ڇا وھيو واپريو. بلوچستان جي حوالي سان اھوآھي تھ منھنجو والد نواب اڪبر بگٽي سان اتي ويو ھيو ۽ ڪافي دورو ڪيو ھيائين. ماڻھن کانئنس اھي سوال ڪيا ھيا جواب ۾ ھن چيو تھ مان پنھنجي الڳ سياسي پليٽ فارم تي آھيان. جيڪو ڪجھھ ذاولفقار ڀٽو سينئر جي زماني ۾ ٿيو مان اتي مفاهمت آڻڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته منھنجي ڏاڏي بابا سميت پوري قوم کي جمھوريت جي قتل خلاف مزاحمت لاءِ سڏ ڏنو.ھر ماڻھو پوء ضيا خلاف مزاحمت ڪئي. ٻارن عورتن مزدورن شاگردن مزاحمت ڪئي، هن چيو ته جيستائين اصلي ۽ نقلي ڀٽي واري سوچ آھي تھ مان اڳ ۾ بھ چئي چڪو آھيا ن تھ مان دڪان نھ ٿو ھلايان جو اصلي ۽ نقلي شيون توھان کي ڏيکاريان مان پنھنجو ڪردار سامھو رکڻ گھران ٿو.نظريا بھ ڏيکارڻ گھران ٿو اگر ساٿ ڏيڻ چاھيو تھ اچو گڏجي ھلو.باقي اسلام مطابق وراثت ٻنھي طرف ٿي سگھي ٿي مرد طرف عورت طرف بھ.باقي ماڻھو جيڪو اصلي نقلي وارو معاملو سمجھن ٿا سو آھي تھ پ پ تي زرداري طرفان قبضو ڪيو ويوآھي.ھنن جي ھٿياربندن اسان جي زمين تي قبضو ڪري ورتو.هن چيو ته مان ڪنھن سازش جو حصو ناھيان. اھڙا الزام بابا تي بھ لڳندا ھئا تھ پ پ کي ڪيرائڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ ان کي آندو.مان پ پ کي ڇو ڪيرائيندس پر ان کي ان شڪل ۾ ڏسڻ گھران ٿو جنھن لاءِ اھا ٺاھي وئي.اھو سوال تھ ڇا جن ماڻھن ذوالفقار ڀٽو کي قتل ڪيو اهي ئي مرتضيٰ ڀٽو ، شاھنواز ۽ بينظير جي قتل ۾ ملوث ھئا تھ ھن جو چوڻ ھيو تھ لنڪ آھي. مرتضيٰ جي قتل ۾ بينظير جي ملوث ھئڻ جي سوال تي جونيئر چيو تھ اھو ناھي تھ ھن ان جون ھدايتون ڏنيون پر بابا کي اڪيلو ضرور ڪيو ويو جيئن ھاڻ مون کي ڪيو وڃي ٿو. پوليس، رياست سڀ ھن جي خلاف ٿي ويا.ھن جي چوڌاري جي سردار وڏيرا نھ ھئا هن چيو ته سياسي اختلافن سبب ڪزنس سان رابطو ناھي باقي آنٽي صنم سان آھي اھا گھر ايندي ويندي رھندي آھي.هن چيو ته پ پ شھيد ڀٽو ۾ نھ مان چيئرمين آھيان نھ ڪو عھدو آھي. مان موقعي پرست ناھيان. ماڻھو ۽ نوجوان ھن سسٽم مان بيزار آھن جنھن ۾ ڪنھن کي خانداني سياست جي ڪري سيٽون ملي وڃن يا اسٽيبلشمنٽ جي مرضي جي ڪري،هن چيو ته اھا ميٽنگ جنھن جو ذڪر ھليو جي ڊي اي جي ميٽنگ نھ ھئي سنڌو بچايو ميٽنگ ھئي جيڪا در اصل سائين زين شاھھ جي تحريڪ آھي جنھن ھن سموري اينٽي ڪينال موومنٽ واري معاملي کي اڀاريو آھي. پ پ جي مقابلي ۾ ايس يو پي جو اڀري اچڻ نا ممڪن ناھي جو اھو نج قومپرست ناھي پر اھا سنڌ جي وسيلن جي مالڪي جي گھر ڪري رھي آھي. ٻئي پاسي لاهور ۾ ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته صدر آصف علي زرداري سنڌ جو سودو ڪيو آهي، جڏهن ته وڪيلن جي جدوجهد سبب ڇهن ڪينالن جو منصوبو بند ڪيو ويو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت احتجاج کان ڊڄي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ هاڻ غريبن بدران اميرن جي سياست هلي رهي آهي، جتي هارين ۽ مزدورن کي مڪمل وساري ڇڏيو ويو آهي. ذوالفقار جونيئر چيو ته جيڪو آئين ڏنو ويو هو، ان کي 26هين ترميم وسيلي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ عدليا تي حملن لاءِ ان ترميم کي استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان هڪ قوم نه، پر قومي اتحاد آهي، جيڪو صرف محبت سان زنده رهي سگهي ٿو، جڏهن ته درياهه ملڪ جي سڃاڻپ آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪنهن خاص طبقي لاءِ نه، پر سمورن ماڻهن لاءِ ٺهيو هو.