سانگي ۾ موٽر وي تي بس ڪلٽي، کير پياڪ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي

پنوعاقل(رپورٽ: راجا سليم مھر) سانگي ۾ موٽر وي تي ڪراچي کان علي پور پنجاب ويندڙ مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ معصوم کير پياڪ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، روڊ حادثي جي نتيجي ۾ رحيمان ڌي محمد نديم، محمد هاشم پٽ بشير ۽ هڪ اڻ ڄاتل عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته زخمين ۾ محمد امجد پٽ عبدالرحمان، عاصمه محمود ڌي مهيوال، عليشا ڌي محمد نديم، حمزه سرائيڪي، زينب ڌي نازڪ سرائيڪي، شميم ڌي نذير، شازيه زال محمد سليم، علينه زال حسنين، حماد پٽ حسنين، ثمينه ڌي شاهد، عائشه ڌي غلام نازڪ شامل آهن، ڪجھه زخمين جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري سکر ريفر ڪيو ويو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.