حيدر آباد (پ ر ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته حڪمران اسان جا وسيلا لٽي پنجاب تي خرچ ڪري رهيا آھن، سنڌ جيڪا وفاق کي 75 قدرتي ۽ مالي وسيلا ڏي ٿي پر سنڌ جا ماڻھون بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، سنڌ جي روزگار تي ڌارين جو قبضو آھي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي ماڻھن کان زمينون کسيون پيون وڃن تنهنڪري پنهنجي بنيادي حقن ۽ وسيلن جي وارثي لاءِ سنڌي ماڻھن کي ڊگهي جدوجهد ڪرڻي پوندي، اهڙي خيالن جو اظھار زمينن تي ولار خلاف جدوجهد کي لاڀائتو ڪرڻ لاءِ 4 مئي تي سنڌ جي قومي شعور جي مان ۾ حيدرآباد ۾ رٿيل آجياڻي جي تياري لاءِ گهرايل گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، آجياڻي جي دعوت جون صدرالدين شاھ راشدي، سيد زين شاھ، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز خان زئور، اسلم خيرپوري، سورهيه سنڌي ۽ ٻين سياستدانن، وڪيلن، دانشورن کي دعوتون ڏنيون ويون آھن، ان وقعي تي مرڪزي جنرل سيڪريٽري، غفار ميرجت پنهل جمالي، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، مصطفيٰ عمراڻي ۽ ٻيا موجود هئا.