خاموش نه ويهبو، ڪئنالن جيان ڪارپوريٽ فارمنگ کي به ختم ڪرائينداسين: وڪيل اڳواڻ

ڀرياسٽي (ن ع آ) تڪراري ڪئنالن خلاف عامر وڙائچ جي اڳواڻي ۾ ٻٻرلوباءِ پاس تي ڪامياب ڌرڻي کانپوءِ واپس موٽندڙ وڪيلن جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ رحمان ڪورائي، حيدرآباد بار جي صدر ايڊووڪيٽاشعر کوکر، حيدرآباد بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ بابر رسول ميمڻ ۽ ٻين جو ڀرياسٽي ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو، ڀرياسٽي پھچڻ تي ضلع نوشھروفيروز ۽ ڀريا بار جي ناميارن ۽ نوجوان وڪيلن ايڊووڪيٽ عزيز الله ڪلھوڙو، وڪيل اعظم ڪلھوڙو، زبير احمد ڪلھوڙو، ڊاڪٽر محسن ڪلھوڙو، وڪيل ثناءُ الله عباسي، اظھر وسڻ، سھيل احمد راجپوت، شاھجھان سومرو، وڪيل عامر مري، مسعود عباسي، افضل ڪلھوڙو، محمد امين ڪلھوڙو، سياسي، سماجي ۽ شھري اڳواڻن پاران دھل شرنائين ۽ گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪري ريلي جي صورت ۾ نوجوان وڪيل عزيزالله ڪلھوڙو جي رھائش گاھ تي آندو ويو، جتي کين آجياڻو ڏنو ويو ، مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌ ڌرتي جي ھن اھم مسئلي تي ڪاري ڪوٽ واري وڪيلن ھڪ مٺ ٿي سنڌو تي ڌاڙو ھڻڻ واري ھن رٿا کي پنھنجي جدوجھد سان مڪمل طور ختم ڪرائي سنڌ جي ٿڃ ملھائي تاريخ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، ھنن وڌيڪ چيو ته انشاالله سنڌ جا وڪيل سنڌ جي ھر مسئلي تي سڀ کان اڳڀرا رھندا ۽ ڪنھن کي به سنڌ جي وسيلن تي ميري اک نه وجھڻ ڏيندا سين، انشاالله سنڌ جي زمينن کي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سرسبز جي نالي تي ڪڏھن به نه ڏيڻ ڏينداسين، ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو شعور ھينئر سجاڳ ٿيل آھي ۽ وڪيلن جي ڌرڻي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪري ڀرپور ساٿ ڏنو، جيڪا اصل ڪاميابي ھئي ۽ سنڌ جا وڪيل ڪنھن به غريب مسڪين سان زياتي ٿيڻ نه ڏيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.