گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي جي ايم فائيو موٽروي تي هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جڏهن ته ڊرائيور گاڏي ڀڄائي مسافرن کي بچائي ورتو. بي سيڪشنٿاڻي جي حد ۾ انٽرچينج ويجهو اسلام آباد کان گهوٽڪي ايندڙ قافلي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي. ارتقا انسٽيٽيوٽ ۽ شيما ڪرماڻي جي اداري تحريڪ نسوان ڪراچي جي ٽيم ڪليم دراني جي اڳواڻي ۾ اچي رهي هئي جنهن تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي. ٽن عورتن سميت 11 ڄڻن جي قافلي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي ته ڊرائيور گاڏي ڀڄائي مسافرن کي بچايو جڏهن ته گاڏي جو ٽائر ڦاٽي پيو. اطلاع تي مقامي ماڻهن، پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن پهچي قافلي جي سمورن ماڻهن کي ميزبان رئوف پارس دايو وٽ پهچايو. پوليس موجب، ڏوهارين پاران ڦر جي ارادي سان گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي قافلي شازيھ عدنان،منال،طابيتھ،عمران خان،عدنان ھارون،انور شيخ،ذوالفقار غوري،ياسر عرفات شامل ھئا.