پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي سوديبازي نه ڪندو\صدر وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڀارت جي جارحاڻي رويي تي ڳڻتي ڏيکاريندي چيو آهي ته  قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. والاريل ڪشمير جي سياحتي علائقي پهلگام ۾ پيش آيل واقعي کان پوءِ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ايونِ صدر اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن دوران ڀارت جي جارحاڻي روين ۽ اشتعال انگيز بيانن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته قوم مڪمل طور تي متحد آهي ۽ پنهنجي بهادر فوج سان ڪلهو ڪلهي سان لڳائي بيٺل آهي. پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ ملڪي سالميت تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪندو.ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، ۽ قانون و انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ به شريڪ هئا. ملاقات بعد جاري ڪيل سرڪاري پڌرائي مطابق صدر ۽ وزيراعظم ڀارت جي بي بنياد الزامن ۽ جنگي طرز جي بيانن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. چيو ويو ته پاڪستان گذريل ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي جي باهه ۾ سڙندو رهيو آهي، جنهن سبب ملڪ کي وڏي انساني ۽ اقتصادي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو. عالمي برادري کي گهرجي ته ڀارت جي پاڪستان ۾ عسڪريت پسندن جي مالي مدد، تربيت، ۽ روانگي واري سرگرمين جو نوٽيس وٺي. وزيراعظم شهباز شريف، ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيڻ بعد صدر زرداري جي صحت بابت خيالن جو اظهار پڻ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.