چين پاران ڀارت خلاف پاڪستان جي حمايت جي خاطري

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار جي تناظر ۾ چين پاڪستان جي حمايت جو واضح اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زي ڊونگ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن،خطي جي حالتن ۽ سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف، چين جي صدر ۽ وزيراعظم لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي، موجوده نازڪ حالتن ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪرڻ تي چين جي حڪومت جو خصوصي طور ٿورو مڃيو، هن چيو ته چين هميشه ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي سدائين قائم رھندڙ دوستي جو ثبوت آهي، وزيراعظم چيو ته ڀارت طرفان ورتل قدمن جو مقصد پاڪستان جي ڌيان کي اندروني سلامتي جي خطرن، خاص طور تي پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي جهڙن دهشتگرد گروپن خلاف جاري ڪاررواين مان هٽائڻ آهي، هن واضح ڪيو ته اهي گروهه افغانستان مان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن خلاف موثر ڪارروائي وقت جي اهم ضرورت آهي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.