پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي تقاضا

ڪي تحريڪون تاريخ ۾ هڪ مثال طور هميشه لاءِ درج ٿي وينديون آهن، شڪاگو جي مزدورن جي تحريڪ اهڙي اوائلي مثالن واي هڪ تحريڪ آهي جنهن کي هاڻي هر سال سڄي دنيا اندر پهرين مئي پورهيتن جي ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو آهي. مزدورن جي اها تحريڪ اصل ۾ ڏينهن رات لاڳيتو 16 ڪلاڪ پورهيو ڪرڻ خلاف هئي ته مزدورن کان ايترا گهڻا ڪلاڪ ڪم نه ورتو وڃي جو اهي گهر، ٻارن ۽ ٻين معاملن کي وقت نه ڏئي سگهن. ان تحريڪ کي روڪڻ لاءِ سرمائيدارن ۽ ڪارخانن جي مالڪن طاقت به استعمال ڪئي جنهن نتيجي ۾ ڪيترائي پورهيت شهيد به ٿيا پر نيٺ مزدورن جي ان تحريڪ کي سوڀ حاصل ٿي مزدورن جا مطالبا آخرڪار تسليم ڪيا ويا ۽ ان نتيجي ۾ پورهئي جا 8 ڪلاڪ طئي ٿيا. هاڻي سڄي دنيا اندرپورهئي جا وڌ کان وڌ 8 ڪلاڪ ئي مقرر ٿيل آهن. اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ پورهيو ڪرڻ پورهيتن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي تصور ڪيو ويندو آهي يا واڌو ڪلاڪ جي ڊيوٽي تي اوور ٽائيم جو حقدار قرار ڏنو ويو آهي. پورهيتن کي 16 ڪلاڪن بجاءِ  8 ڪلاڪ پورهيو ڪرڻ جو اهو حق کين 1886ع واري شڪاگو جي مزدورن جي تحريڪ ڏنو جنهن جي ياد ۾ هاڻي هر سال پهرين مئي تي پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.

پورهيتن جي ان عالمي ڏينهن کي ملهائڻ جا ڪيترائي مقصد آهن. هڪ مقصد پورهيتن ۾ اهو احساس، اتساهه ۽ اعتماد پيدا ڪرڻ هوندو  آهي ته پورهيت جيڪڏهن پنهنجن بنيادي حقن لاءِ ٻڌي ڪن  ته اهي طاقت بڻجي سگهن ٿا ۽ ان عوامي طاقت ذريعي اهي پنهنجا بنيادي حق ائين حاصل ڪري سگهن ٿا جيئن آمريڪا جي شهر شڪاگو جي پورهيتن پاڻ ۾ ٻڌي ڪري تحريڪ هلائي ۽ ان ۾ سرخرو ٿي پنهنجي تاريخ ٺاهي. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻڌي قائم ڪري ان کي طاقت ۾ بدلائجي. جيئن ڀٽائي صاحب مظلومن جي رهنمائي ڪندي چيو هو ته ”ڏکيون جان نه مڙن تان تان ڀنڻ نا ٿئي يا جيئن عظيم فلسفي ڪارل مارڪس پورهيتن جي انقلاب جو نظريو ڏيندي  دنيا جي سڀني مزدورن کي هڪ ٿيڻ جو عملي نعرو ڏنو. شڪاگو جي مزدورن عملي طور ايئن ئي ڪيو ۽ پنهنجي تحريڪ کي دنيا جي ڪامياب تحريڪن ۾ شمار ڪري ڏيکاريو.

شڪاگو واري پورهيتن جي تحريڪ کي عالمي ڏينهن طور ياد ڪرڻ جو ٻيو وڏو مقصد پورهيتن جي عزت ڪرائڻ آهي. جيئن ڀٽائي صاحب پورهيتن جي عزت ڪندي چيو هو ته ”ماڻهو سو املهه هر جنين جي هٿ ۾“ يا هڪ شعر ۾ پورهيتن جي هٿن کي ”سون ساريڪا هٿڙا“ قرار ڏنو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پورهيتن جا هٿ ۽ سندن پورهيو سراپا سون آهي. پورهيت به وڻن وانگر پاڻ اس ۾ سڙي ٻين جي ڇانو جو بندوبست ڪندا آهن. ماڻهن کي ڇانو ۾ رهڻ لاءِ  کين ڇتون ۽ عمارتون، گهر ڪالونيون ۽ پلازائون ٺاهي ڏيندا آهن. ماڻهن کي گهرن ۾ ٿڌ مهيا ڪرڻ لاءِ سندن اي سيون ٺاهيندا ۽ انهن جي مرمت ڪندا آهن پر افسوس ته کين پاڻ کي اهي سهولتون مهيا ناهن هونديون جو اهي غريب هوندا آهن. سندن پورهئي جو اهو اجر ناهي ملندو جو اهي به پنهنجي گهر لاءِ اي سي خريد ڪري لڳرائي سگهن.جڏهن ته ڏسجي ته سندن وجود بنا هيءَ دنيا هلي ئي نه سگهندي پر مالي طور وري ان طبقي کي سڀ کان گهڻو پوئتي ڪيو ويو آهي. سو اهو ته رياستن، حڪومتن ۽ ادارن جي سربراهن جو ڪم آهي ته اهي پورهيتن جي جائز حقن جو خيال ڪن ۽ پگهر سڪڻ کان اڳ کين پورهئي جو اجر ڏين ايترو اجر ڏين جو انهن مان سندن جيئڻ  جون بنيادي  گهرجون  پوريون  ٿي سگهن. مارڪس  ازم ته پورهيتن  کي ئي حڪمراني جو حقدار قرار ڏنو آهي. جيڪو واقعي  به سندن اصل اجر ۽ انصاف آهي. پر ان سان گڏو گڏ پورهيتن کي عزت ڏيڻ جي به ضرورت آهي جيڪا کين هر ڪو ڏئي سگهي ٿو، پورهئي ۽ پورهيت جي هن دنيا کي هر وقت ضرورت پوي ٿي. جيڪڏهن پورهيت جو وجود نه هجي ها ته هن ويران ۽ ڀڙڀانگ ڌرتي کي ڪير آباد ڪري ها. ڪير هن دنيا کي رهڻ جي لائق بڻائي ها. اها حقيقت سمجهڻ جي ضرورت آهي. جيڪو ماڻهو ان حقيقت جو اعتراف ڪندو، دل سان ان حقيقت کي مڃيندو سو ئي مزدورن ۽ پورهيتن جي عزت ڪري سگهندو. پر سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا پورهيتن جو عالمي ڏينهن ياد ڏياريندو آهي سا اها آهي ته پورهيتن جي حقن جو خيال ڪجي ۽ کين اهي حق مُهيا ڪري ڏجن.

هر سال ياد ڏيارڻ به وڏي ڳالهه آهي. ڪنهن به باضمير ماڻهو لاءِ اهو به ڪافي آهي. اسان جو خيال آهي ته رياستن، حڪومتن ۽ سرڪار توڙي خانگي ادارن جي مالڪن کي اهڙو انتظام يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن پورهيتن کي اجر سميت جيئڻ جا سڀ بنيادي حق ملي سگهن. علم، عقل، شعور ۽ باضميري جي ته اها ئي تقاضا آهي. پورهيتن جو هي عالمي ڏينهن انهن ضميرن آڏو هڪ سوال به آهي ته ڇا اوهان  جي رياست، حڪومت، ادارا، پورهيتن جي حقن جو خيال ڪن ٿا ۽ کين سندن حق ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، ٿي رهيا آهن يا نه. ان حساب سان هي پورهيتن جو عالمي ڏينهن ان ڏس ۾ پنهنجو احتساب ڪرڻ جي به دعوت ڏئي ٿو ته پورهيتن جي حقن جو جملي جائزو وٺو ۽ ڏسو ته اوهان انهن کي سندن بنيادي حق ڏئي سگهيا آهيو يا نه جيڪڏهن نه ته ڇو، پورهيتن جي عالمي ڏينهن کي هر سال ملهائڻ جي ڪيترن ئي مقصدن مان هڪ مقصد اهو به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.