ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري ملاقات ڪئي، ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات دوران بلاول ڀٽو ، مراد علي شاهه ۽ ڄام خان شوري جي محنت کي ساراهيو ۽ چيو ته اوهان ٻنهي جي محنت رنگ لاتو آهي، اوهان آئيني ادارن جي آڏو سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو، بلاول وڌيڪ چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي اجلاس جي ڪارروائي سان سنڌ جي موقف کي فتح ملي، ان دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سي سي آءِ اجلاس بابت پ پ چيئرمين کي تفصيلي آگاهي پڻ ڏني، مراد علي شاهه ۽ ڄام خان شوري تڪراري ڪئنالن جي معاملي تي بلاول ڀٽو زرداري جي مسلسل رهنمائي تي سندس ٿورا مڃيا.