هاڻي ڪو به ڪئنال نه ٺهندو، 91 ٺاهه تي مڪمل عمل ڪيو ويندو: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪينالن واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو عجيب آهن، ڪئنالن واري رٿا سان صدر جو ڪو واسطو نه هو، پر پوءِ به مٿس الزام مڙهيا ويا، اسلام آباد مان واپسي بعد ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته 2 مئي تي اجلاس رٿيل هو، پر زرداري صاحب چيو ته اجلاس جلد سڏايو وڃي، الله تعاليٰ جي مدد ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي رهنمائي، پيپلز پارٽي ۽ عوام جي طاقت سان فتح ملي ۽ مان سنڌ سميت پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو، مراد علي شاهه چيو ته مان وفاقي حڪومت جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن هن معاملي ۾ حق جو فيصلو ڏنو، گڏيل اتفاق راءِ کانسواءِ ڪو به ڪئنال نٿو ٺهي سگهي، هي ماڻهو اصل مسئلي تي ڳالهائيندا ئي ناهن، وڏي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته صوبن ۾ تڪرار پيدا ٿئي ۽ عوام گمراهه ٿئي، پر سنڌ حڪومت تڪراري ڪئنالن تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي، پيپلز پارٽي نگران حڪومت ۾ ٿيل غلط فيصلن کي ختم ڪرائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته جڏهن کان هي تڪراري مسئلو شروع ڪيو ويو اسان تڏهن کان ان جي مخالفت ڪئي آهي، بلاول ڀٽو شهباز شريف سان ملاقات ڪري تڪراري مسئلو حل ڪرايو ۽ مان پنهنجي ماڻهن جو ٿورائتو آهيان جن مون تي اعتماد ۽ يقين ڪيو، هن چيو ته توهان ڪاغذ جو ٽڪرو گهريو اسان نوٽيفڪيشن کڻي آياسين، ٻيا ڌرڻا ختم ٿي ويا باقي هڪڙو ڌرڻو به ختم ڪيو وڃي، ڪئنال نه ٺهڻ جو فيصلو ڏيڍ مهينو اڳ ٿي چڪو، عمل ۾ وقت لڳو، سي سي آءِ جو اجلاس جلد گهرائڻ لاءِ صدر به ڪوشش ڪئي، هاڻي ڪو به ڪئنال نه ٺهندو، 91 ٺاهه تي مڪمل عمل ڪيو ويندو، حق جو فيصلو ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته ڀارت پاران سنڌو جو پاڻي روڪڻ کي جنگ جو اعلان سمجهيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.