ميرواهه گورچاڻي ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، 2 ڄڻا قتل، 3 زخمي

ميرپورخاص/ميرواهه گورچاڻي (نمائندن وٽان) ميرواهه گوچاڻي ۾ زميني تڪرار تان ميئو ۽ رانگڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ ٽي زخمي ٿي پيا. 22 ورهين جو نوجوان بلال عرف ساجن رانگڙ ۽ اسڪول ٽيچر علي نواز ميئو مارجي ويا، جڏهن ته عادل، سرفراز ميئو ۽ ظفر ميئو زخمي ٿي پيا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي، ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن جي موجودگي سبب رتوڇاڻ جو خدشو وڌي ويو. پوليس جي مداخلت کان پوءِ ڳوٺ ۾ واڌو نفري مقرر ڪئي وئي جڏهن ته واقعي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي. سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه اسپتال پهچي متاثرن کان تفصيل ورتا ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ امن بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تڪرار جو ڪارڻ پاڻي جي ورڇ تي پراڻو جھيڙو ڄاڻايو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.