حيدرآباد (پ ر ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي، غفار ميرجت، پنهل جمالي، ذوالفقار بليدي، اياز سولنگي، سلطان دل ۽ ڪمال مهر گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته ڪئنالن واري مسئلي تي پرامن جدوجهد ڪرڻ تي جيئي سنڌ محاذ ساٿين ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سميت وڪيلن، آبادگارن، سياسي ڪارڪنن، دانشورن، فنڪارن ۽ سول سوسائٽي کي خراج پيش ڪجي ٿو، هنن چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار کي ڊيگھه ڏيڻ خاطر ڪئنالن واري منصوبي تي آصف زرداري صحيح ڪئي هنن سدائين سنڌ خلاف فيصلا ڪيا آھن، اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن جي ترجيح سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ نه پر سنڌ جا وسيلا لٽڻ آھي، حڪمرانن سنڌ ۾ ڪئنال خلاف تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڪئنالن ختم بجاءَ ملتوي ڪري سنڌي ماڻھن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو آھي، اسان جي پرامن جدوجهد ڪئنالن جي مڪمل خاتمي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي ختم ڪرڻ لاءَ جاري رهندي.