عمرڪوٽ لڳ گٽر ۾ صفائي لاءِ لٿل 2 نوجوان ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ ڀرسان منون مالهي پاڙي ۾ گٽر جي هود جي صفائي دوران ساھ ٻوساٽجڻ سبب ميونسپل ڪميٽي  جا 2 ڪچا ملازم، راج پٽ اشوڪ ۽ سورج پٽ لوڻو مارواڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا روي ۽ چمن بيهوش ٿي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيا ويا. فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو. فوتي نوجوان شادي شده هئا ۽ ٻنهي جا 2 ٻار به آهن. سي ايم او سيد ساجد شاهه واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ بيهوش ٿيلن جي سار لهڻ جي خاطري ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.