اها سنڌ پئي نظر اچي جنهن جو خواب ڏٺو هو:نورالهديٰ شاهه جون اکيون آليون

سکر (م ڊ) نالي واري ليکڪه  ۽ ڊراما نگار  نورالهديٰ شاه چيوآ هي ته مان ڌرڻي شروع ڪرڻ وارن ۽ ان ۾ شريڪ ٿيندڙن سميت پوري سنڌ کي مبارڪباد ڏيان ٿي. ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻي ۾ شرڪت جي موقعي تي جذباتي ٿيندي سندس اکيون آليون ٿي ويون  ان دوران هن چيو ته مان توهان منجهان آهيان توهان جوحصو آهيان، وڪيلن سميت سڀني کي واڌايون ڏيان ٿي جن سنڌ کي جاڳايو آهي،عامر وڙائچ سميت  جيڪي به هتي موجود آهن جيڪا ڪميٽي آهي جيڪي شامل ٿين ٿا سڀ کي واڌايون ڏيان ٿي. توهان هڪڙي تاريخ لکي آهي. توهان کي اسان کي سجاڳ سنڌي قوم ۽ سجاڳ سنڌ گهربل هئي توهان اسان کي سنڌ جاڳائي ڏني آهي.تاريخ ان جو ذڪر ڪندي  توهان بنا ڪنهن مفاد جي سنڌو تي ڌاڙي خلاف ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف بيٺا آهيو. نوٽيفڪيشن جو اسان کي به انتظار آهي اسان ڪنهن به بيان کي نه ٿا قبوليون. جيستائين اسان جا پاڻي ماهر ۽ هن ڌرڻي جا وڪيل  نوٽيفڪيشن بابت نه چوندا هي ته هي لفظ باءِ لفظ اهوئي آهي جيڪو سنڌ جي مفاد ۾ آهي تيستائين ڪجهه تسليم نه ڪنداسين.۽ نعر هڻندا رهنداسين ته سنڌوءَ تي ڌاڙو نا منظور. سنڌي قوم جي مهمان نوازي ته جڳ کي خبر آهي پر سنڌي قوم امانتدار آهي اها مون کي به خبر نه هئي. اربين ڪروڙين ڊالر جي سامان سان ٽرالر،ٽرڪون ۽ ٻيون گاڏيون ڀريل آهن۽ ڳوٺن جو ٻچو ٻچو انهن کي هٿ به نه ٿو لائي.اهو ڪمال آهي. هتي لٿس ته سوزوڪين ۾ عورتون آيون ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيون اعتماد سان آيون هتي ته ڪو موٽروي به ناهي جتي موٽروي آهن اتي به عورت جي عزت محفوظ ناهي پر هتي نياڻيون بنا خوف اچن وڃن پيون.سنڌ اسان جي ماءَ به آهي ته نوجوانن جي محبوبه به آهي. اسان لکڻ وارن ان سجاڳ سنڌ جو رڳو خواب ڏٺو هيو هڪ وقت آيو جو لڳو ته ان خواب جي تعبير ممڪن ناهي قوم کي جاڳائڻ سولو ناهي. رستن تي عجيب منظر ڏٺا ٻار وڏا بيٺا آهن ڪٿي پنج ڪٿي ڏهه  جيڪي درياهه جا نعرا پيا هڻن. ان منظر مون کي جذباتي ڪري ڇڏيو آهي،مون کي اميد آهي ته اسان مقصد ماڻي وٺنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.