سکر(رپورٽ:آزاد مهر) روهڙي جي سکر ملتان ايم-فائيو موٽروي انٽرچينج وٽ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) پاران هڪ وڏو احتجاجي جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو وفاقي حڪومت جي فيصلن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي، جيڪڏهن سنڌ جي حقن تي حملو ٿيو ته جي يو آءِ هر ميدان ۾ مزاحمت ڪندي، هن فلسطينين سان ڀرپور يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي به سخت تنقيد ڪئي، هن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي حقن بابت نوٽيفڪيشن تي صحيحون نه ٿيون ته 5 مئي تي ملير بن قاسم پورٽ ۽ 6 مئي تي ڪراچي پورٽ تي ڌرڻا هنيا ويندا، جلسي ۾ صوبائي امير مولانا عبدالقويم هاليجوي، علامه ناصر محمود سومرو، مولانا محمد صالح انڍڙ، مولانا عبدالحميد مهر ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو، جلسو سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ جي يو آءِ جي هلندڙ جدوجهد جو اهم حصو بڻجي ويو ۽ وفاقي حڪومت ڏانهن واضح پيغام موڪليو ويو ته جيستائين سنڌ جي حقن جو تحفظ نه ٿيندو، تحريڪ جاري رهندي، ٻي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود چيو ته ڪئنال قبول ناهن، ڪنهن به قيمت تي سنڌو درياهه تي سوديبازي نه ٿيندي، ارسا، سي سي آءِ، ايڪنڪ سميت ڪير به هجي، پنهنجي حصي جو پاڻي نه ڏينداسين، سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ درياهه ۾ واري اڏامي رهي آهي، سنڌ ۾ اڍائي هزارن کان وڌيڪ آبادگار بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪڏهن ڪئنال رٿا ختم نه ڪئي وئي ته پوءِ اڳ کان وڌيڪ زوردار تحريڪ هلائي ويندي.