ام رباب چانڊيو جو اڄ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت جو اعلان

ميهڙ/ام رباب

ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا) ام رباب چانڊيو چيو ته طبعيت خراب هجڻ سبب هو ڪجهه ڏينهن کان ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ لڳل ڌرڻي ۾ شريڪ نه ٿي سگهي پر اڄ شام ڌرڻي ۾ پهچي پنهنجو جنم ڏهاڙو به سنڌ لاءِ عملي جدوجهد ڪندڙ ماروئڙن سان گڏجي ملهائيندي. هن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هو عملي جدوجهد تي يقين رکندڙ آهن ۽ گذريل 8 سالن کان ظالمن، جاگيردارن ۽ سردارن خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي.

  • ڪراچي سٽي ڪورٽ جي وڪيلن پاران ڪئنالن خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ جاري

ڪراچي(رپورٽر)سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران تڪراري ڪينالن خلاف ڇهين ڏينهن به مڪمل هڙتال ڪئي وئي، سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن سٽي ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو  ڪو به وڪيل عدالتن ۾  پيش نه ٿيو، ججز ۽ وڪيلن لاءِ هڪ گيٽ کوليو ويو. جيل پوليس  قيدين کي عدالتن ۾ نه آندو،  هڙتال جي ڪري هزارين ڪيس  به هلي نه سگهيا سائل پريشان آهن، وڪلين  ڪنهن سائل کي سٽي ڪورٽ ۾ داخل نه ٿيڻ ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.