ٻٻرلوءِ ۽ ڪمون شهيد وٽ ڌرڻا جاري،قافلن جي آمد جو سلسلو تيز

خيرپور/سکر (نمائندا) ٻٻرلوءِ۾ وڪيلن پاران جي نئين منصوبي خلاف احتجاجي ڌرڻو نائين ڏينهن به جاري رهيو مظاهرين متبادل رستا به  بند ڪري ڇڏيا هئا جنهن تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي ۽ ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ لاٺي چارج جا بي اطلاع مليا آھن ان موقعي تي وڪيلن جو چوڻ هو ته سندن احتجاج مڪمل طور پرامن آھي پر پوليس بيجا طاقت استعمال ڪري صورتحال کي خراب ڪيو ٻئي طرف انتظاميه جو موقف سامهون آيو آهي ته عوام جي سهولت لاءِ متبادل رستا کوليا ويا هئا پر مظاهري جي ڪري امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جو خدشو هو جنهن ڪري ڪارروائي ڪرڻي پئي مظاهرين اعلان ڪيو ته سندن ڌرڻو منصوبو ختم ٿيڻ ۽ باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين جاري رهندو ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ضروري آهي جيڪو 2 مئي تي جاري ٿيڻ جي اميد آهي اسان کي به تڪڙ ناهي، انتظار ڪريون ٿا هن  پوليس کي خبردار ڪيو ته پوليس آفيسرن کي چوان ٿو ته جيڪڏهن اوهان ڌرڻي وارن سان ڪا زيادتي ڪئي يا حرڪت ڪئي ته پوري سنڌ بند ٿي ويندي جيڪڏهن اوهان کي طاقت آزمائڻي آهي ته آزمائي ڏسو، پوءِ جيڪو ٿيندو ان جا ذميوار اوهان پاڻ هوندا ٻئي پاسي  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ مهتاب ڏاهري، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر نويد عباس ڪلهوڙو، علي نواز ڏاهري ۽ گل حسن ٻپڙ جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا سوين ڪارڪن شريڪ ٿيا، ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن، پيپلز پارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي سنڌ جون زمينون ڏئي ڪئنال منصوبن جي ڳجهي حمايت ڪري سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، پيپلز پارٽي ڪئنالن کي سي سي آئي مان منظور ڪرائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته  سنڌي قوم واضع پيغام ڏئي ٿي ته صدر زرداري ۽ بلاول کي سنڌو درياهه وڪرو ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي، ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪئنال سميت سمورا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال فوري طور ختم ڪيا وڃن.

اوٻاوڙو/ڪمون شهيد/ڏهرڪي( رپوٽ: عبدالحئي ڇڄڻ+علي حسن چاچ+اجيت ڪمار) سنڌو تي ڌاڙي خلاف چوٿين  ڏينھن  به سنڌ پنجاب بارڊر ڌرتي ڌڻين جي قافلن جي آمد جو سلسلو جاري آهي،ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ، جسقم بشير خان قريشي اڳواڻ نياز ڪالاڻي،نصرالله ڪلادي ارجن داس چيئرمين مينگھواڙ ايسوسيئيشن ايڊوڪيٽ شبيرعلي بوزدار ايڊوڪيٽ عالم شير بوزدار سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالرزاق مھر سميت اڳواڻ  قافلن ۾ سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شھيد وٽ لڳل ڌرڻي واري ڪيمپ تي پھچي ويا جتي ڪيمپ تي سوين وڪيلن قوم پرست اڳواڻ جذباتي ڪارڪنن  سنڌو تي ڌاڙو نامنظور،جھيڙو آ  پنجاب تو سان جھيڙو جي نعرن سان ڀرپور اسقبال ڪيو ،زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن ڪئنال رٿا رد ڪري ڇڏي آهي،پ پ وارا جلسا ڪري مالڪن کي اهو ٻڌائين ٿا ته توهان جا وفادار آهيون،جشن ڇا جو پيا ملهايو،سنڌ کپائڻ جو جشن ملهائي رهيا آهيو؟ هن چيو ته اڃا به ڪو دوکو ڪندئو ته پوءِ سموري سنڌ بند ڪري ڇڏينداسين، سنڌ جي جدوجهد پرامن آهي،تشدد ڏانهن نه وڌو، اسان ڇهن مهينن کان احتجاج پئي ڪيو پر حڪومت کي سمجهه ۾ نه آيو،هاڻي قانون ٽوڙي روڊ بلاڪ ڪري ويٺا آهيون،2 مئي تي سي سي آءِ وارو دوکو اسان کي نه ڏيو،اڳواڻن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ڪينالن بابت ٿيل پريس ڪانفرنس کي رد ڪريون ٿا اسين قانون جا ابا آھيو اسين سڀ ڪجھ ڄاڻون ٿا اسين انھن جي سازشن ۽ ڪوڙين ڳالھين ۾ نه اينداسين جيستائين نوٽيفڪيشن نه ٿو اچي تيستائين ڌرڻا ختم نه ڪندا سون جڏهن ته  چار ڏينھن گذرڻ باوجود مڪمل روڊ رستا بند ھجڻ سبب پنجاب طرف ويندڙ گاڏين جون قطارو لڳي ويون جڏھن ته بار ڪائونسل ميمبر ذوالفقار جلباڻي، ايس ٽي پي وائيس چئيرمين ايڊوڪيٽ عبدالفتاح سميجو،، اوٻاوڙو بار جي صدر قادر بخش ڀٽي،چوڌري شاهد،راشد سنڌو،عبدالفتاح سمون ايڊوڪيٽ،سيد فھد حسين شاھ جيلاني،حاتن شر،ميان رفيق احمد،محمد اسلم قادري،ميان نديم احمد،سيد لال شاهه جي اڳوڻي  ۾ ڌرڻو جاري ساري آھي مڙني سياسي سماجي تنظيمن جي مقامي اڳواڻن، وڪيل برادري، صحافين ۽ شهرين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.