سکر / ڪراچي (رپورٽ: اظھر علي دايو / م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم سان معاهدو ٿيو آهي ته ته ڪو به ڪئنال اتفاق راءِ کانسواءِ نه ٺهندو، سي سي آءِ ۾ سنڌ حڪومت جي اعتراضن کي ٻڌو ويندو، بلاول ڀٽو ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ سکر جي ڳوٺ نچڻپور، تماچاڻي ۽ علي واهڻ جو دورو ڪيو، دوري دوران هن ٻوڏ متاثرن لاءِ سکر، روهڙي ، صالح پٽ، پنوعاقل، نيو سکر ۽ سکر سٽي ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ تحت ٺهندڙ 80 هزار گهرن جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان ڳوٺ علي واھڻ جي مسترين ۽ ڪاريگرن گفتگو ڪندي چيو ته اسين اڳ ٻين جا گهر ٺاهي رهيا هئاسين، اڄ پنهنجا گهر پاڻ ٺاهي ورتا آهن، ان موقعي تي خورشيد احمد شاهه، سيد ناصر حسين شاهه، ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ٽائون چيئرمين نثار صديقي، طارق حسين چوهاڻ ۽ ٻيا نمائندا ۽ آفيسر به موجود هئا، دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري عورتن سان ملاقات ڪئي، جتي ڪڙهائي جو ڪم ڪندڙ عورتن پنهنجو هنر پيش ڪيو، جڏهن ته پنهنجن گهرن جا مالڪي جا حق حاصل ڪندڙ عورتن، بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجون دستاويزون پڻ ڏيکاريون، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسين سنڌو درياهه جا محافظ آهيون سنڌو درياهه تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ هڻڻ نه ڏينداسين، پاڪستان جي عوام کي آئون ٻڌائڻ ٿو ته سنڌو درياهه اسان سڀني جو آهي، اسان ڪنهن کي موقعو نه ڏينداسين جو ڪير اسان جي حقن تي ڌاڙو هڻي، جيستائين چئني صوبن جي رضا مندي نه هوندي، ڪوبه ڪئنال نه ٺهندو، اسان شڪر گذار آهيون وزيراعظم جا جنهن سنڌ جي عوام جا جذبات ڏسي اهو چيو آهي ته توهان جي مرضي کان سواءِ ڪو ڪئنال نه ٺهندو، وفاقي حڪومت مڃي ورتو آهي ته صوبن جي اتفاق راءِ سان مسئلا حل ڪنداسين، ارسا جي سرٽيفڪيٽ تي اسان جا اعتراض پهريان کان ئي هئا جن منصوبن تي اتفاق راءِ ۽ عوام جي رضامندي نه هوندي انهن منصوبن تي ڪڏهن به ڪم نٿو ڪري سگهجي، اسان واعدو ڪيو هو ته سنڌو درياهه بچائينداسين، اسان درياهه کي بچائي ورتو آهي، اها اوهان سڀني جي ڪاميابي آهي اسين مودي جي تمام الزامن کي رد ڪري رهيا آهيون ڀارت جي هڪ طرفي قدم کي مڪمل طور نامنظور ڪيون ٿا مودي انڊس سول لائيزيشن جي ڳالھه ڪري رهيو آهي، اسين انڊس الئيزيشن جا وارث آهيون، موئن جو دڙو ان جو مثال آهي، جنهن بعد بلاول ڀٽو زرداري سکر جو دورو مڪمل ڪري ڪراچي روانو ٿي ويو، ٻي پاسي هڪ ٽي وي سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ جدوجهد نسلن کان ڪريون پيا، ڪئنالن جي معاملي تي جڏهن ٻيون پارٽيون خاموش هيون تڏهن پ پ آواز اٿاريو، ڪئنالن بابت خدشا وزيراعظم آڏو رکيا آهن، معاهدو ٿيو آهي ته ڪو به ڪئنال اتفاق راءِ سان نه ٺهندو، سي سي آءِ ۾ سنڌ حڪومت جي اعتراضن کي ٻڌو ويندو، حڪومت ڀارت جي جواب ۾ جيڪي قدم کنيا آهن انهن جي سپورٽ ڪريون ٿا، ڀارت اهڙا قدم کنيا آهن جن سان هو پاڻ وائکو ٿي ويو آهي، پاڻي روڪڻ جارحاڻو قدم آهي، اسين ان تي خاموش نه ويهنداسين، ڀارت دهشتگردي جو بهانو بڻائي سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن ڀارت پاڻي بند ڪيو ته ان سان ايران لاءِ به مسئلا پيدا ٿيندا، ان معاملي تي وزيراعظم جڏهن به اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو ڪندو، اسين ان جي حمايت ڪنداسين.