اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائين رياست آهي، ڀارت پهلگام واري واقعي کان پوءِ بي بنياد ۽ ثبوتن کان سواءِ الزام لڳايا، پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور عالمي غير جانبدار جاچ لاءِ تيار آهي، پر ڌمڪيون ڪنهن به صورت قبول نه ڪبيون، ڪالهه پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ تقريب دوران مهمان خاص طور خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جو پاڻي روڪيو ويو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پاڻي اسان جي لائف لائن آهي، جنهن تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، ڪنهن کي به غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي، پاڪستان جي هٿياربند فوج هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي، هن چيو ته 25 ڪروڙ پاڪستاني عوام متحد آهي ۽ پنهنجي هٿياربند فوجن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان هميشه دهشتگردي کي هر روپ ۾ رد ڪيو آهي ۽ ان جي سخت مذمت ڪئي آهي، اڪستان دنيا ۾ دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪ آهي. امن اسان جي خواهش آهي، پر ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.