ميرپور خاص/ جهڏو (نمائندا) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇھن نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان جهڏو ۾ سم نالي اسٽاپ کان ڪوٽ مير جان محمد ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڪرم ڪلوئي جي آخري آرام گاهه تائين موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي ويئي سندس مزار تي پارٽي جهنڊو ۽ گلن نڇاور ڪيا ويا. ان بعد جلسي عام ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عظمت ڪلوئي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، ممتاز کوسو، اياز کوسو، امرجليل ڪلوئي، ماما اشرف رند، ممتاز جوڻيجو، اسماعيل پتافي، نوربانو کوسو، پاري ڪولهي، سنڌو ڪلوئي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڪرم ڪلوئي پنھنجي پوري حياتي پنھنجي قوم ۽ پورھيت طبقي جي حقن لاءِ جدوجھد ۾ گذاري سنڌ جي قومي وسيلن لاءِ جدوجھد ۾ ھن پنھنجي گھر سميت شاندار ڪردار ادا ڪيو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيستائين ارسا طرفان پاڻي جي موجودگي جا سرٽيفڪيٽ رد نٿا ڪيا وڃن، سنڌ کي 172 سالن جي پاڻي جو حساب نٿو ڏنو وڃي، پيڪا ايڪٽ رد نٿو ڪيو وڃي، بورڊ آف انويسٽمينٽ اميڊمينٽ ايڪٽ 2023ع ۽ 26 آئيني ترميم رد نٿي ڪئي وڃي اوستائين جدوجھد جاري رھندي. وفاق توڙي صوبائي حڪمران سي سي آئي جو ڊامو ڪري سنڌي قوم جي جدوجھد کي ماٺو ڪرڻ چاهين ٿا.