پاڪستان راهه حق پارٽي پاران ٻٻرلو ڌرڻي جي حمايت

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان راهه حق پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر محمد اطهر اعواڻ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته پاڪستان راهه حق پارٽي ٻٻرلو ڌرڻي جي مڪمل  حمايت ڪري ٿي ۽ سنڌو درياھ تي نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف وڪيلن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته وفاق کي ڪو به منصوبو شروع ڪرڻ کان اڳ صوبن سان صلاح ڪرڻ گهرجي ها ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان منظوري وٺڻي هئي، ڌر هن ائين نه ڪيو. هنن چيو ته ڪينالن واري معاملي تي ڌرڻي سبب ملڪ جو اربين رپين جو روزانو نقصان ٿي رهيو آھي، ٽرانسپورٽ ۽ واپاري طبقو سخت پريشان آھي، ان ڪري وفاقي حڪومت جلد کان جلد وڪيل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائي. هن چيو ته روڊن جي بندش خلاف واپارين جي هڙتال جائز آھي، ان ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ان جو نوٽيس وٺي.اسان فلسطين سان گڏ آھيون ۽ اسرائيل خلاف علماءَ ڪرام جي فتوائن جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.