دادو/نوشهروفيروز/مورو/ڀريا(نمائندا) سنڌو درياھ جو سمنڊ سان ناتو پراڻو آھي زرداري واري جو ھاڻي خاتمو آھي سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين حوالي ڪرڻ نه ڏينداسين اھي زمينون مقامي ھارين کي ڏنيون وڃن سنڌ پوليس پرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن تي تشدد ڪري رھي آهي، ڪيترن ئي ھنڌن تي احتجاج ڪندڙ مظاھرين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن مان زرداري ليگ کانسواء باقي سنڌ جيڪي قومپرست جماعتون.سياسي اڳواڻ آھن وڪيل برادري سميت سنڌو درياھ کي بچائڻ واري تحريڪ ۾ سرگرم عمل آھن انھن سان مان عملي طور تي گڏ آھيان اھڙن خيالن جو اظھار پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ٻٽو جي سربراھ ذوالفقار ڀٽو جونيئر دادو مورو پل تي ھزارين ماڻھن جي ڌرڻي ۾ خطاب ڪندي ڪيو ھن چيو ته مون پنھنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو سان رابطو ڪيو ۽ ھن ڀرپور ساٿ ڏيڻ ۽ جلدي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ جو چيو آھي ھن چيو ته ادي فاطمه ڀٽو کانسواء ھو ڪو ھتي سياست ۾ وڏو قدو نه کڻندو فاطمه ڀٽو چيو آھي ته عورتن کي شاگردن کي سياست ۾ اڳتي آندو ويندو عمران خان جي تڪليف جو احساس آھي ان لاءِ عزت آھي ان کي به پنھنجي سياسي جدوجھد ڪرڻ تي سلام پيش ڪيان ھن به موجوده نظام جي تبديلي جي ڳالھ ڪئي آھي جيڪي سنڌ سان محبت ڪن ٿا انهن سان محبت ڪيان ٿو سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ سرن جا نذرانا ڏيڻ کان ڪو نه ڪيٻائينداسين اسان کي نظم ضبط سان ھلڻو پوندو ڇاڪاڻ ته اسان جو دشمن چالاڪ آھُي منھنجي پرامن احتجاج ۾ شامل ٿيندڙ ڪارڪن کي رھنڊ به آئي ته ان جو حساب ٿيندو ھن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي عوام کي صرف بک، بدحالي ۽ بي وسي جو تحفو ڏنو آهي۽ هاڻي وري وفاقي سرڪار ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي،اسان وفاقي حڪومت کي واضع پيغام ڏيون ٿا ته سنڌ مان ڪينالن جي نالي تي ٿيندڙ ڪنهن به منصوبي کي هرگز قبول نه ڪنداسين، جونئير ڀٽو اعلان ڪيو ته جيستائين تڪراري ڪينالن جي مڪمل خاتمي جو لکت ۾ اعلان نه ڪيو ويندو، تيستائين سندن احتجاج ۽ تحريڪ جاري رهندي عوامي احتجاجي ڌرڻي کي پ پ پ شھيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي سميت پ پ پ شھيد ڀٽو ضلع دادو جي صدر غلام نبي جمالي زين گھلو.عنيد خان جتوئي. دادو عوامي فورم جي چيئرمين سردار عاشق زئور ،يونس جمالي، ڊاڪٽر الله بخش پنھور،بخشل جمالي، پانڌي خان چانڊيو، رزاق جمالي، شيزار لنڊ، غفار ڪاڇيلو،صمد عباسي،برڪت ميرجت، فاطمه دستگير ڀٽي، آپا پروين چانڊيو سميت پارٽي جي ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن خطاب ڪيو ذوالفقار جونيئر کي اسٽيج عوام پاران اجرڪ ٽوين تلوارن گلن نوٽن جي ھار تحفي طور پيش ڪيا ويا دادو مورو پل تي ھي پھريون تاريخي عوامي احتجاجي ڌرڻو ھو جنھن ۾ عورتن مردن ٻارن جو وڏو تعداد ھو ڌرڻو لاڳيتو 8 ڪلاڪ لاڳيتو جاري رھيو.