سنڌ جي حقن لاءِ ويٺل وڪيلن سان گڏ آهيون:شير محمد رند

نوابشاھ(ڊ ر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ سردار مير شير محمد خان رند نيشنل پريس ڪلب نوابشاهه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياھ تي غير قانوني ڪئنال اسان کي نامنظور ناهن، اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪينال ٺهڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته 77 سالن  کان حڪمران عوام سان دوکو ڪندا پيا اچن، تنهنڪري وڪيلن کي بغير نوٽيفڪيشن جي ڌرڻو ختم نه ڪرڻ گهرجي، وڪيل پنهنجي حق ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ويٺا آهن، اسان ساڻن گڏ آهيون، هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڌ جي عوام جو درد هجي ها ته سنڌ جي اهڙي حالت نه هجي ها، پنجاب ڪيترن سالن کان سنڌ جو 50 فيصد پاڻي روڪيو ويٺو هو، درياھ ۾ واري پئي اڏامي. هن چيو ته اسان پنهنجو رت به پنهنجي سنڌ لاءِ ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ماهرنگ بلوچ هڪ عورت ٿي ڪري پنهنجن جي حقن لاءِ وڙهي پئي، اسان به پنهنجي سنڌ، پنهنجي ماڻهن، پنهنجي زمينن، پنهنجن حقن خاطر وڙهنداسين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.