ملير ۾ به ڌرڻو جاري، قومي شاهراهه بند، ٺٽو، بدين، ٿرپارڪر ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون

ملير (ڊ ر) ملير بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن پاران سنڌو مان ڇھھ ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن، ڇھين ترميم، پيڪا ايڪٽ خلاف ملير جي مين نيشنل ھاءِ وي تي لڳل ڌرڻو ڪالهه چوٿين ڏينھن بھ جاري رهيو، جنهن ۾ بار ايسوسيئيشن اڳواڻن، وڪيل برادري، سول سوسائٽي، سياسي سماجي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب مين نيشنل ھاءِ وي چئن ڏينھن کان بلاڪ ٿي ويو آهي،  گاڏين جون قطارون لڳل آهن، ڌرڻي کي خطاب ڪندي ملير بار جي صدر ارشاد شر، جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو ۽ ٻين چيو تھ وزيراعظم ۽ پ پ چيئرمين وچ ۾ ٿيل ملاقات بعد سنڌ جي عوام کي معاملو ختم ڪرڻ جي بدران سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ وارو لالي پاپ مليو آھي، سنڌ جي ماڻھن سان ڊرامو ڪيو پيو وڃي، ھڪ طرف سڄي سنڌ آھي تھ ٻئي طرف وفاق سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ بجاءِ سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائي سندن ڪاوڙ ٿڌي ڪرڻ چاھي ٿو، سنڌ جو ماڻھو وفاق جي چالاقين، مڪارين کان چڱي ريت واقف آھن، وفاق ھميشھ سنڌ جي ماڻھن سان ويساھھ گھاتيون ڪيون آھن، سنڌ جو ماڻھو سجاڳ ٿي چڪو آھي، ھر روڊ، رستي، گھٽي ۽ چوراھن تي احتجاج ٿي رھيا آھن، اسان ڪنھن بھ لالي پاپ ۾ نھ اينداسين پھرين فرصت ۾ ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي رد ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.