وزيراعظم ڪئنالن جو مسئلو سُٺي نموني حل ڪيو: مراد شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم ۽ سندس ٽيم عوامي مؤقف ٻڌي ڪئنالن جو مسئلو سُٺي نموني حل ڪيو. وڏي وزير سان گورنر پنجاب سليم حيدر جي ملاقات ٿي، جنهن دوران تڪراري ڪئنالن جو مسئلو حل ٿيڻ تي ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي واڌايون ڏنيون. ان موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي سياڻپ سان ڪينال تڪرار حل ٿي ويو، وزيراعظم سميت سندس ٽيم عوام جو مؤقف ٻڌي، مسئلو سٺي طريقي سان سلجهايو آهي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته قوم متحد آهي، ڀارت ڪنهن  به جارحيت جو سوچي به نٿو سگهي ۽ پاڪستان جي اندرين استحڪام ۾ سڀئي صوبا پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن..

 سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت قومي مفادن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ سهڪار ئي ملڪي ترقيءَ جو ضامن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.