ڪينال معاملي تي صدر کي ڪميٽي جوڙڻ جي درخواست جو امڪان

اسلام آباد (قربان بلوچ) تڪراري ڪينالن جي حوالي سان اسلام آباد ۾ اهم گڏجاڻي ٿي آهي. گڏجاڻي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٻنهي هڪ ٻئي کي فيس سيونگ ڏني آهي. ذريعن مطابق اها فرمائش هڪ ٻئي کان ڪئي وئي هئي. ٻنهي پارٽين جي سربراهن اتفاق ڪيو ته سي سي آءِ اجلاس تائين تڪراري ڪينال تي ڪم رڪيل رهندو جنهن جو مطلب آهي ته اهو منصوبو ختم ناهي ٿيو. سنڌ ۾ ڪينال مخالف تحريڪ ۾ شامل سمورين ڌرين ان اعلان کي رد ڪيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو. اهي ڌريون سمجهن ٿيون ته سي سي آءِ ۾ وڃڻ رڳو فيس سيونگ آهي ٻيو ڪجهه ناهي. ڇو ته جيڪا سي سي آءِ جي جوڙجڪ آهي ان ۾ 8 ميمبر هوندا آهن هڪ وزيراعظم سربراهه، چار وفاق جا نمائندا ۽  چار وڏا وزير هوندا آهن. هن وقت سي سي آءِ ۾ ن ليگ جا نمائندا 5 آهن. وزيراعظم شهبازشريف، اسحاق ڊار، خواجه آصف، امير مقام ۽ مريم نواز بطور وزيراعليٰ پنجاب. ٽي صوبا هڪ پاسي هجن تڏهن به سنڌ کي فائدو نه ٿيندو. اهو به امڪان آهي ته سي سي آءِ اجلاس ۾ صدر کي درخواست ڪئي وڃي ته ان معاملي تي ڪا ڪميٽي جوڙي وڃي. صدر اهو ئي آهي جنهن 8 جولائي 2024 تي  ڪينال معاملي تي  ميٽنگ ڪئي هئي. سو اپوزيشن ڌرين جو اهو خدشو ته اهو سڀ ڪجهه سندن اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي سوال آهي ته ڇا واقعي اهو سهي ٿيندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.