سکر (رپورٽ: آزاد مهر/اظهر علي دايو/شفيع محمد ابڙو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جي رضامندي کانسواءِ ڪو به ڪئنال نه ٺهندو، جيڪڏهن سڀئي صوبا متفق ٿيندا ته ڪئنال ٺهندا، نه ته نه ٺهندا. روهڙي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو آهي، جنهن تي ٻنهي جون صحيحون موجود آهن، اها ڳالهه ٿي چڪي آهي ته پاڪستان حڪومت جي پاليسي آهي ته توهان جي رضامندي کانسواءِ ڪو به نئون ڪئنال نه ٺاهيو ويندو. هن چيو ته هي پرامن جمهوري جدوجهد جي ڪاميابي آهي، وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ گڏيل رضامندي کانسواءِ سنڌو درياهه مان ڪو به ڪينال نه ڪڍيو ويندو. بلاول ڀٽو چيو ته وفاق ۽ سڀني صوبن جا نمائندا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ويٺا آهن. هن معاهدي کان اڳ، اڪثريت جي بنياد تي اهو فيصلو ڪري سگهجي ها ته توهان جي رضامندي کان سواءِ نوان ڪئنال ٺاهيا وڃن پر اسان وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورائتا آهيون جو هن عوام جي اعتراضن کي ٻڌو، هاڻي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اڪثريتي پارٽين فيصلو ڪيو آهي ته توهان جي رضامندي کان سواءِ ڪو به نئون ڪينال نه ٺاهيو ويندو. هن چيو ته سڀني صوبن کي متفق ٿيڻو پوندو، ٻي صورت ۾ ڪئنال نه ٺهندا. وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته سڀني صوبن کي پاڻي جا حق آهن، ۽ ان تي پاڻي معاهدي 1991 ۽ واٽر پاليسي 2018 ۾ اتفاق راءِ آهي. پي پي پي چيئرمين چيو ته وفاقي حڪومت اتفاق ڪيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس فوري طور تي سڏايو وڃي، جڏهن ته پي پي پي ۽ مسلم ليگ (ن) جا نمائندا ان ۾ اتفاق ٿيل پاليسي جي منظوري ڏيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌو درياهه تي هڪ ٻيو حملو ٿيو آهي، هن ڀيري ڀارت طرفان سنڌوءَ تي حملو ٿيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿيو هو جنهن جو الزام نئين دهلي پاڪستان تي هنيو، مودي پنهنجون ڪمزوريون لڪائڻ لاءِ ڪوڙا الزام هنيا، جنهن کانپوءِ ڀارت هڪ طرفي طور تي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو..
هن چيو ته ڀارت کي چوڻ چاهيندس ته سنڌو درياهه اسان جو آهي ۽ هي اسان جو رهندو، هن درياهه مان اسان جو پاڻي وهندو يا انهن جو رت وهندو، ائين نٿو ٿي سگهي ته هڪ ڏينهن فيصلو ڪري ته اوهان سنڌ طاس معاهدي کي نٿا مڃو، نه عالمي سطح تي اهو مڃيو ويندو نه پاڪستاني عوام اهو مڃيندو. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته جيئن اسان پاڪستان جي شهرن ۽ گهٽين ۾ سنڌو درياهه تي آواز اٿاريو ۽ وفاقي حڪومت کي قائل ڪيو ته هو نوان ڪئنال نه ٺاهيندي تيئن جدوجهد ڪنداسين، پاڪستان جا ماڻهو بهادر آهن، اسان ڀارت جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، سرحد تي اسان جي فوج اوهان کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي. جلسي کي پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن سيد خورشيد احمد شاھ، سيد اويس قادر شاھ، سيد ناصر حسين شاھ، سردار محمد بخش مهر، ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.
ڪراچي (عوامي آواز نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڀارتي حڪومت جي پاڪستان خلاف تازن اپائن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ڀارت کي ڪنهن به صورت ۾ اهڙا يڪطرفا فيصلا ڪرڻ جو اختيار ناهي. هن چيو ته ڀارت دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ بدران رڳو پاڪستان کي الزام هڻي ٿو. پ پ چيئرمين واضح ڪيو ته پاڻي سڄي دنيا لاءِ اهم مسئلو آهي، ۽ ڀارت پاران ان موضوع تي کنيل قدم رڳو خطي ۾ ماڻهن جي ڪاوڙ تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. هن خبردار ڪندي چيو ته جنگين دوران به اهڙا فيصلا ناهن ورتا ويندا جيڪي ڀارت اڄ وٺي رهيو آهي، ۽ جيڪڏهن پاڻي تي جنگيون شروع ٿي ويون ته اسان جا نسل به ان جي ور چڙهي ويندا. سندس چوڻ هو ته ڀارت جيڪڏهن واقعي دهشتگردي جو خاتمو چاهي ٿو ته پوءِ ان کي اسحاق ڊار جي دعوت قبول ڪري ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي ها، ڀارت چپ رهي جعفر ايڪسپريس سانحي جي مذمت به نه ڪئي، ڇا هو ساراهه ڪري ٿو؟ هن چيو ته ڀارت جي تازي قدمن سبب هو عالمي سطح تي اڪيلو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته خطي ۾ ڪجهه قوتون سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ويڙهه ڪرائڻ جي سازشن ۾ لڳل آهن، ناڪاري قوتن کي سياسي طور جواب ڏينداسين.