ڪمون شهيد وٽ ٽئين ڏينهن به ڌرڻو، پنجاب ويندڙ سمورا رستا بند

اوٻاوڙو )رپوٽ: عبدالحئي ڇڄڻ ) سنڌو تي ڌاڙي خلاف ٽئين ڏينھن به ڌرتي ڌڻين  سنڌ پنجاب بارڊر تي ديرا ڄمائي ڇڏيا. وڪيلن، سياسي سماجي ۽ قوم پرست اڳواڻن ۽ علائقي واسين سون جي تعداد ۾ سنڌ پنجاب بارڊر ڪيمپ تي ديرا ڄمائي ڇڏيا. وڪيلن قوم پرستن ۽ سنڌو جي ھزارين عاشقن وزيراعظم شهباز شريف  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ڪئنالن بابت ٿيل پريس ڪانفرنس کي رد ڪري ڇڏيو . ٽن ڏينھن تائين مڪمل روڊ رستا بند ھجڻ سبب پنجاب طرف ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون.  سنڌ بار ڪائونسل ميمبر ذوالفقار جلباڻي، ايس ٽي پي وائيس چئيرمين عبدالفتاح سميجو،، اوٻاوڙو بار جي صدر قادر بخش ڀٽي، چوڌري شاهد راشد سنڌو عبدالفتاح سمون ايڊوڪيٽ سيد فھد حسين شاھ جيلاني سياسي ،سماجي اڳواڻن قوم پرستن ۽ آل پاڪستان ملڪ ويلفير اتحاد جي اڳواڻ لھڙي خان، چيف سردار ڄام عقيل خان ڏھر، ڄام گوگي خان ڏھر، اصغر شاھ جيلاني،گسٽا اڳواڻ عبدالرزاق سومرو خميسو خان تنيو سميت سوين ڌرتي ڌڻين شرڪت ڪئي. ڪمون شهيد سنڌ پنجاب دنگ وٽ گاڏين جي اچ وڃ بند ڪئي وئي آهي ان موقعي تي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو پاران ڪيل پريس ڪانفرنس هڪ دوکو ۽ سنڌ جي عوام سان مذاق آهي اسان ان کي نٿا مڃون اسان جا ارادا مظبوط آهن اسان ڪڏهن به نه پوئتي هٽندا سين .گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، اسين پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ سمورن رستن کي بند ڪري ڇڏيو.

 ۽ پنجاب تائين ويندڙ  هر رستو بند ڪيو ويو آهي،وفاق پنھنجي ھوڏ قائم رھيو ته پنجاب طرف ريل گاڏيون به بند ڪنداسين وقت آيو ته جهاز به بند ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.