ڪئنالن خلاف گهوٽڪي ۾ هزارين ماڻهن جو جلسو، مڙهيل فيصلا واپس وٺڻا پوندا: مولانا هاليجوي

گهوٽڪي(رپورٽ: عرفان علي سومرو)گهوٽڪي ۾ جميعت علماٰءِ اسلام طرفان سردار پپو خان چاچڙ جي ميزباني ۾  ڪينالن خلاف هڪ وڏو عوامي جلسو ٿيو، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، عوامي ميڙاڪي کي مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مولانا راشد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو ، مرڪزي سالار عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا محمد صالح انڍڙ، ضلعي امير حافظ سراج احمد چنو، عبدالغفار چاچڙ، بسم الله هاليجوي، مولانامحمد اسحاق لغاري ، ضلع بزنس چيئرمين خالد محمود ڪلهوڙو، لالا عقيل پٺاڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان زبردستي 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف اڄ گهوٽڪي جي عوام پنهنجو  فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته توهان جا زبردستي مڙهيل فيصلا اسانکي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، هي هزارين ماڻهن ڏسي توهان کي مڙهيل فيصلو واپس وٺڻو پوندو، اسلام آباد سرڪار ۽ واڳ ڌڻين کي فورن فيصلو واپس وٺڻو پوندو، سنڌ اسان سنڌين جي آهي ڪنهن جي پي جي ناهي جو ناجائز ۽ زبردستي فيصلا مڙهي، جيستائين فيصلو واپس نه ورتو ويندو ايتري تائين هي ڌرڻا ۽ احتجاج جاري رهندا ۽ ايندڙ مرحلي ۾ بارڊر سميت هر شئي بند ڪرڻ جو چتاءُ به ڏنو ويو ۽  جلسي ۾ زور دار نعريبازي پڻ ڪئي وئي، انڊيا کي به للڪاريو ويو ۽ کين ٻڌائيو ويو ته اسان پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.