صوبن کي ناراض رکي ٻاهرين سازشن کي منهن نٿا ڏئي سگهو:شاهد خاقان

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي قائد شاهد خاقان عباسي ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ملڪ اندر سياسي انتشار هوندو ته پوءِ ٻاهرين سازشن کي منهن ڏيڻ ڏکيو هوندو، ملڪ جي حڪمرانن کي سنڌ جي عوام جي احتجاج ۽ مسئلن کي نظر انداز ڪري وڏي غلطي ڪئي آهي، ملڪ جي صدر ۽ وفاقي حڪومت کي سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ، انهن جي ضرورتن  ۽ ٻين مسئلن تي ٿيندڙ احتجاج جي جواب ۾ سياسي بيان ڪڍڻ بدران پنهنجو واضع موقف اختيار ڪري انهن جو حل ڪڍڻو پوندو هن چيو ته  ملڪ کي آئين ۽ قانون تحت هلائڻ جي ضرورت آهي ۽ هتي آزاد شفاف چونڊن ڪرائڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ سڌارن ۽ نون صوبن جي ضرورت آهي،اسان کي ڏسڻو پوندو ته بلوچستان ۾ ماڻهو هٿيار ڇو پيا کڻن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.