سڀ هڪ پيج تي آهيون، ڀارت کي جواب ڏنو وڃي: حافظ نعيم

پشاور (م ڊ) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان پهلگام واقعي کانپوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي ڀارت کي جواب ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪيترا به اختلاف هجن پر ملڪي بقا لاءِ اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون، حڪومت اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺي، اپوزيشن کي ڪنهن سان به اختلاف ٿي سگهي ٿو پر پاڪستان سان اختلاف نٿو ٿي سگهي، ڀارت کي مڪمل ايڪي سان جواب ڏنو وڃي، حڪومت به جرئت جو مظاهرو ڪري.  پشاور ۾ آل تاجران غزا جرڳي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪشمير ۾ پيش آيل سانحي ۾ ڀارت جا ڳجها ادارا ملوث آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين مودي سامراج کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ هاڻي طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.