اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف نون ڪينالن جي اڏاوت کي روڪرائيندي منصوبي کي صوبن جي گڏيل اتفاق راءِ سان مشروط ڪري ڇڏيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، راجا پرويز اشرف، همايون خان، نديم افضل چن، شازيا مري، ڄام خان شورو ۽ جميل احمد سومرو شامل هئا. ملاقات ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي معاملي تي ڳالهيون ٿيون. وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ فيصلو ٿيڻ تائين ڪو به ڪئنال نه ٺهندو، طئي ٿيو ته سي سي آءِ اجلاس 2 مئي تي گهرايو ويندو. وزيراعظم پ پ چيئرمين جي آمد تي سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان تفصيل سان ملڪي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته ڪئنالن جي معاملي تي سنجيدگي سان ڳالهيون ڪيون ۽ مون وضاحت سان اهو ٻڌايو ته پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ ان جي گهرج آهي ته صوبن وچ ۾ معاملا گڏيل خلوص، نيڪ نيتي سان ۽ سٺي انداز ۾ طئي ڪريون. هن چيو ته پ پ چيئرمين کي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ ڪالاباغ ڊيم معاشي طور تي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ آهي پر سنڌ اعتراض ڪيو ته اهو اسان کي قبول ڪرڻ گهرجي، ڪالاباغ ڊيم جيڪڏهن وفاق جي مفادن سان ٽڪراءُ آهي ته ڪالا باغ ڊيم کان پاسو ڪرڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته اهري ريت ڪئنالن جي معاملي تي اسان کي گڏيل رضامندي ۽ ڳالهين سان ان مسئلي کي حل ڪرڻ گهرجي، اسان رضامندي سان فيصلو ڪيو ته جيستائين سي سي آءِ ۾ گڏيل رضامندي سان فيصلو نٿو ٿئي وڌيڪ ڪو ڪئنال نه ٺهندو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو ته ڪئنالن جي معاملي تي وڌيڪ اڳڀرائي صوبن جي اتفاق راءِ کانسواءِ نه ٿيندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان جي مهرباني، اوهان جي نمائندي پ پ جي نمائندي سان ڳالهيون ڪيون ۽ نه رڳو اعتراض ۽ عوام جي شڪايت ٻڌي پر اهم فيصلا ڪيا. هن چيو ته جيڪي ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، حڪومت جي پاليسي جي حوالي سان ان معاملي کي اٿاريو ويو آهي، انشاءَالله سي سي آءِ جي اجلاس ۾ اهي فيصلا ڪيا ويندا ته گڏيل رضامندي کانسواءِ ڪو ڪئنال نه ٺهندو. هن چيو ته ڪافي حد تائين ماڻهن جي شڪايت کي اسان ختم ڪري سگهنداسين، اوهان ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ڪيو جتي ٽن صوبن اسيمبلين مان اعتراض اٿاريا، اتي به اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو، ان وقت به مسلم ليگ ن ۽ پ پ جو اتحاد هو جڏهن ان پاليسي بابت فيصلو ڪيو ويو هو. رڳو ايترو طئي ڪري رهيا آهيون ته اتفاق راءِ کانسواءِ پاڻي معاملي تي نوان ڪئنال ناهن ٺهي رهيا. وزيراعظم چيو ته ڀارت جيڪي جنگ جي طرز جا اعلان ڪيا ۽ پاڪستان خلاف جارحاڻو موقف اختيار ڪيو، اسان اجلاس جا تفصيل چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌايا، نيشنل سڪيورٽي ڪميٽي ان تي پڌرائي جاري ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کان به اهم پاسو تازو ڀارتي اعلان آهن، اسان ڀارت طرفان انڊس واٽر ٽيريٽري خلاف اپائن جي مذمت ڪريون ٿا، اسان ڀارت جي ان فيصلي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. تنهن کانپوءِ ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي، پڌرائي ۾ چيو ويو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اتفاق کانسواءِ ڪو به ڪئنال نه ٺاهيو ويندو. صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ خوراڪ ۽ ماحولياتي تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي پئي وڃي. ڪميٽي ۾ وفاق ۽ سڀني صوبن جي نمائندگي هوندي، ڪميٽي 2 متفقه دستاويزن موجب ڊگهي مدي واريون زرعي ضرورتون تجويز ڪندي، ڪميٽي 2 لاڳاپيل دستاويزن موجب سڀني صوبن جي پاڻي جي استعمال جا حل تجويز ڪندي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڻي جي ڳڻپ اهم وسيلن ۾ ٿئي ٿي، 1973ع جي آئين ۾ به پاڻي جي اهميت کي مڃيو ويو آهي.