سنڌ جي فتح ٿي آهي:مراد علي شاهه جي بلاول کي مبارڪباد

ڪراچي(م ڊ)وڏي وزير مراد علي شاهه پ پ چيئرمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ثابت ڪري چڪا آهيون ته درياهه ۾ ايترو پاڻي ناهي جو نئين رٿا ٺهي سگهي،هاڻي مسئلو حل ٿي ويو،ڌرڻن جو جواز نٿو بچي،هن چيو ته ٻه مئي جي سي سي آءِ اجلاس ۾ معاملو ارسا کي اماڻڻ جو فيصلو ٿيندو،اميد آهي ته سي سي آءِ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جو نمائندو اسان جو ساٿ ڏيندو،سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهنداسين، هن چيو ته شهبازشريف پ پ جي اصولي  موقف کي تسليم ڪري ورتو آهي،هن چيو ته اسان جي موقف سان بلاول جي قيادت ۾ سنڌ جي فتح ٿي آهي،اها وفاق ۽ جمهوريت جي ڪاميابي آهي،جيستائين پ پ موجود آهي،سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه ڏينداسين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.