ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ محترمه فريال ٽالپر ڪينالن تي ڪم روڪڻ ۽ سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ کي قومي يڪجهتي، آئيني بالادستي ۽ سنڌ جي عوامي جدوجهد جي فتح قرار ڏنو. هڪ بيان ۾ فريال ٽالپر چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي اصولي قيادت ۽ سنڌ جي عوام جي پرامن احتجاج ثابت ڪري ڇڏيو ته جڏهن موقف سچو ۽ نيت صاف هجي ته حڪومت کي عوام جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي آھي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو نون ڪينالن تي ڪم روڪڻ جو اعلان ۽ 2 مئي تي سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ جو فيصلو هڪ دانشمنداڻو قدم آهي، وزيراعظم جو موقف جمهوري روايت کي مضبوط ڪرڻ، صوباڻي خودمختياري کي تسليم ڪرڻ ۽ آئيني ادارن کي فعال ڪرڻ ڏانهن هڪ سٺو قدم آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمن، پيپلز پارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري، سنڌ جي عوام ۽ وفاقي حڪومت کي ڪئنالن جي مسئلي جي حل تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي گڏيل پريس ڪانفرنس جي آجيان ڪئي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن چيو ته ڪئنالن جي مسئلي تي تاريخي اڳڀرائي ٿي آهي، ڪئنالن تي ڪم روڪڻ ۽ 2 مئي تي سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو دور انديشي تي ٻڌل ۽ قومي يڪجهتي جي علامت آهي.پيپلز پارٽي جي مستقل ڪوششن، اصولي موقف ۽ عوامي دٻاءَ سبب وفاق کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو ته سي سي آءِ جي سطح تي سڀني ڌرين جي رضامندي کانسواءِ ڪنهن به نئين ڪئنال تي ڪم نه ٿيندو.