ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:ممتاز سنڌي+عرفان کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ جي يو آءِ پاران ڪنڌڪوٽ جهولي لال انڊس هاءِ وي وٽان صبح کان رات تائين ڌرڻو ۽ جلسو جاري رهيو،. جلسي کي جي يو آء جي صوبائي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته ڪئنالن جو 48 ڪلاڪن ۾ نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ائين نه ٿيو ته اسان پنڊي لاهور اسلام آباد به وڃي سگهون ٿا.هن چيو ته اسان جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيون ايف آءِآرز لاءِ به تيار آهيون ائين نه ٿيو ته اسين پورو سال روڊ رستن تي هونداسين،هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد ۾ جلسي کي جذباتي تقرير ڪئي.بلاول صاحب سنڌي مسڪين ضرور آهي سنڌي غريب ضرور آهي پر سنڌي بيوقوف ناهن.بلاول اوهان چيو ته اسان وزارتن کي لت هڻون ٿا.بلاول صاحب پنهنجي والد کي چئو ته صدارتي عهدي کي لت هڻي مختلف صوبن ۾ پنهنجي وزيراعلي کي چئو ته هو ڪرسي کي لت هڻن. جلسي کي عبدالرزاق عابد لاکو.ناصر محمود سومرو.مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبد الله سومراڻي، مولوي جمال الدين اوڳاھي، مولوي خان محمد ملڪ، حافظ عرفان الله کوسو، مولوي محمد ابراھيم خاڪي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،