جديد قومپرستي جي باني جي ايم سيد جي اڄ ورسي، تياريون مڪمل

مانجهند: سائين جي ايم سيد جي ٽيهين ورسي اڄ سن ۾ ٿي رهي آهي. جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي جي. موقعي تي ڪميٽي سربراه  نواز خان زنئور، اسلم خيرپوري،رياض چانڊيو، سورهيه سنڌي جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد چوڪ سن ۾ گڏ تي سيد هي مزار تي گڏيل حاضري ڀري ويندي. نواز خان زئور ٻڌايو ته سيد  جي مزار تي حاضري کانپو۽ ڪئنالن بابت جدوجهد جو اهم اعلان پڻ ڪيو ويندو. جيئي سنڌ محاذ سهتو گروپ طرفان چئرمين صوفي حضور بخش علي نواز ٻٽ فيض الله جوڻيجو اصغر لنڊ آزاد قاضي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀريندا.

  • ايس يوپي پاران صوفياڻي راڳ جي محفل

مانجهند: سن ۾  سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي جي  موقعي تي مرڪزي صدر سيد زين شاه روشن علي ٻرڙو، منير حيدر شاھ، اميرعلي ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا  پڙهي وئي، جنهن بعد صوفي راڳ رنگ جي محفل ڪرائي وئي جنهن ۾ ناليواري راڳين مظهر علي، ذوالفقار علي ۽ ٻين سر وکيرڻ جو سلسلو رات دير تائين جاري رکيو.

  • سيد جي ورسي ۾ ڪئنالن خلاف اهم اعلان ڪيو ويندو: صنعان قريشي

مانجهند(رپورٽ: بابو عمراڻي) جديد قوم پرستي جي باني رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي اڄ ٿي رهي آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ پاران  سن ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي جو جلسو  ٿيندو.  مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز پاران 25 اپريل 2025ع تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 30هين ورسي جي موقعي تي سن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ جلسو ٿيندو، جنهن جلسي سنڌو درياھ مٿان 6 ڪئنال ٺاهڻ خلاف ۽ سنڌ جي زمينن جي قبضي خلاف اهم اعلان ڪيو ويندو. جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد تاريخ جي دز دور ڪري وساريل سنڌ ياد ڏياري. سائين جي ايم سيد تاريخ ، سياست، فلسفي، ڪلچر، مذهب تي ڪتاب لکي فڪر جي روشنيءَ ڏني آهي، جنهن روشني تي هلي سنڌ جي وجود جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، جسقم چيئرمين چيو ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد سياسي جدوجهد جو رستو عدم تشدد جو ڏيکاريو آهي، سيد، عشق ۾ به ڪڏهن انتها پسندي نه ڪئي، هن پيار ۽ محبت جو درس ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.