ميرپورخاص (بيورورپورٽ)تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ميرپورخاص حيدرآباد ٽول ٽيڪس تي ڌرڻو هنيو ويو، سوين عورت مرد ڪارڪنن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جا جھنڊا کڻي سنڌو تي ڌاڙي خلاف نعريبازي ڪندي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن پارٽي جي وائيس چيرمين نثار احمد ڪيريو جنرل سيڪريٽري ھوت خان گاڏھي قادر چنا،حاڪم زادي ٿيٻو، ڪريم ڪيريو محبوب دل پرويز نوحاڻي سجاد ڪنڀر ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءُ سنڌ واسين جو جياپو آهي جنهن تي ڪنهن به قسم جي سازش ۽ ڪينالن کي سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو پ پ سنڌ جي عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾اچي ڏيکاءُ وارا احتجاج ڪري رهي آهي.