حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن(پي ايم اي) حيدرآباد جي اجلاس ۾ وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ وارو منصوبو فوري طور تي رد ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ پي ايم اي ان منصوبي خلاف سنڌ جي عوام جي جدوجهد ۽ مزاحمت جي ڀرپور حمايت ڪندي احتجاج ۾ شرڪت جو دائرو وسيع ڪندي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن(پي ايم اي) حيدرآباد جو اجلاس ڊاڪٽر آغا تاج محمد جي سربراهي ۾ ٿيو, جنهن ۾ پي ايم اي سنڌ جي صدر ڊاڪٽر بشير خاصخيلي خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد زمان بلوچ, ڪنوينر ڪينال ڪميٽي ڊاڪٽر نظرمحمد ڀاڳت, پي ايم اي حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اشفاق قريشي ۽ ٻين ڊاڪٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي جي خلاف پي ايم اي سڄي سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪندي ۽ طبي امدادي ڪيمپ لڳائيندي.