ننڍين قومن جو ٿيندڙ استحصال ۽ پنجاب حڪومت جي هٺ ڌرمي

تحرير: ارڏو اترادي

 عالمي قانون ۽ ايريگيشن سسٽم موجب درياهه، ڪئنالن ۽ واهن تي سڀ کان وڌيڪ حق پڇڙي وارن جو آهي، پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ آبدار  ۽ داروغي کان وٺي  چيف انجنيئر به ذميوار  هوندو آهي.. جيڪڏهن منڍ وارن زميندارن پاڻي چورايو، مانڊول ڀڳا يا ڪٽ هنيو ته مٿن ايريگيشن عملو ايف آءِ آر داخل ڪرائي سگهي ٿو. چيف انجنيئر کان سيڪريٽري آبپاشي کاتي وارن کي درياهه، ڪئنال ۽  واهن جي ماپ (ڪيوسڪ) بابت روزانو فون، تار وسيلي آگاهي ڏني ويندي آهي. اهو سڄو نظام درياهه، واهن ۽ ڪئنالن جو پاڻي پڇڙي تائين پهچائڻ لاءِ انگريزن لاڳو ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي.

انهيءَ آبپاشي جي نظام لاءِ عالمي قانون واضح آهي ته درياهن جي پاڻي جو حق پڇڙي وارن قومن جو آهي. ان ئي عالمي قانون موجب ڀارت کان وهندڙ ٻن دريائن جو پاڻي پنجاب پنهنجو حق سمجهندي ڀارت کي وڪيو. جيڪڏهن درياهن تي پڇڙي وارن جو حق نه هجي ها ته ڀارت پنجاب کي پئسا نه ڏئي ها؟  ان مان واضح ٿئي ٿو ته سنڌو نديءَ جو مالڪ سنڌ ۽ سنڌي آهن. ڍل ۽ آبيانو روينو کي تڏهن ملندو جڏهن آبپاشي کاتو پاڻي زميندارن تائين پهچائيندو.

1920ع کان 1945ع تائين سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ پنجاب نظر رکندو آيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ واري ميٽنگ بابت ڪتاب” پاڻي منجهه پساهه“ ۾ شير محمد بلوچ لکيو آهي ته پنجاب سنڌو درياهه جي پاڻي واري حصي تي ڌاڙو هنيو آهي. ان کان پوءِ  ارسا کي مقرر ڪندي اهو تاثر ڏنو ته پاڻي جي معاملي ۾ ڪنهن سان ناجائزي نه ڪنداسين. 92-1991ع واري ٺاهه تي به سنڌ اعتراض واريا پر تنهن هوندي به سنڌو نديءَ جو پاڻي پنجاب چوري ۽ زوري وهائيندو رهيو. ان لاءِ  سنڌ چيف انجنيئر مسٽر رونگهو مقرر ٿيو ته گڊو بئراج کان مٿي تونسان وٽ گيج ماپ ڏسي آگاهه ڪري پر پنجاب  جي ڪامورن ان کي اتان جي ماپ ڏسڻ نه ڇڏيو ۽ کيس تڙي  ڪڍيو ته جيڪا هيٺين ماپ آهي اها ڏس. مٿي ماپ ڏسڻ نه اچ.رهائش لاءِ به کين انجنيئري بنگلو نه پر  سرونٽ ڪواٽر ڏنو ويو. 92-1991ع واري ميٽنگ ۾ پاڻي جو جيڪو حصو ڏنو ويو آهي. ان ۾ به ٽي وڏا واهه پنجاب جي حوالي آهن، جيڪي هيٺِين ريت آهن.

گڊو بئراج جي مٿين پاسي گهوٽڪي فيڊر جي ڀرسان هڪ نئون ڪئنال جڙي راس ٿي ويو آهي. جيڪو بظاهر ته سنڌ جي حد مان ڪڍيو وڃي ٿو پر اڳتي ان مان وڏا واهه پنجاب طرف  ڪڍيا ويا آهن. هن ڪئنال تي رٽائرڊ فوجي ملازمن جو زمينون پڻ آهن. سکر بئراج ٺهڻ سان انگريزن پنهنجي وفادارن کي زمينون نارا ڪئنال ۾ ڏنيون. جيڪي پنجابي هئا.

 1991ع واري ٺاهه ۾ مٿين ٽن ڪئنالن کان سواءِ  گڊو بئراج مان بلوچستان لاءِ  خاص ڪئنال پٽ فيڊر به وهي ٿو. ان کانسواءِ  اڳ ۾ سکر بئراج مان کير ٿر ڪئنال به بلوچستان لاءِ  ڪڍيو ويو. بلوچستان کي ملندڙ انهن پنجن ڪئنالن جو پاڻي سنڌ کي نٿو ملي، مطلب ته بلوچستان کي سنڌ جي حصي مان ڏنو مهيا ڪيو وڃي ٿو.

سنڌو درياهه تي 6 ڪئنالن جي  منظور ي به  2024ع ۾ صدر  زرداري کان وٺي ڪئنالن جو ڪم شروع ڪيو ويو،  جنهن ۾ چولستان منصوبو پڻ شامل آهي. هاڻي سي سي آءِ ارسا جون ڳالهيون مسئلو حل ڪرڻ بدران وزير اعظم جو صلاحڪار رانا  ثناءَ الله طاقت جي استعمال جون ڌمڪيون ڏئي سنڌ جي ماڻهن کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس چڙ ڏياريندڙ ان بيان سنڌ جي ماڻهن کي ويتر ڪاوڙائي وڌو جيڪي پنهنجي سرن تي ڪفن ٻڌي سخت گرمي ۽ ڪاڙهي ۾ وڪيلن جي قيادت ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي ويٺل آهن ۽ هر روز سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن. پر وفاقي سرڪار پنهنجو تڪراري فيصلو واپس وٺڻ جي بدران پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي شرپسند سڏي رهيا آهن ۽ پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز بيان ڪڍيو آهي ته هاڻ هر حال ۾ ڪئنال ٺاهيا ويندا ڇاڪاڻ ته اهو معاملو هاڻ پنجاب جي انا ۽ عزت جو سوال بڻجي چڪو آهي. ڇا ننڍين قومن جي استحصال ڪرڻ وارو حق پنجاب کي ڪنهن ڏنو آهي،  ان بابت ملڪ جو آئين ڇا چوي  ٿو ۽ پنجابي اشرافيه ان آئين تي ڪيترو عمل ڪري ٿي، ننڍيون  قومون پاڻ سان ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف جيڪڏهن ڌاڙ گهوڙا ڪن ٿيون ته پنهنجي هوڏ تان هٽي وڃڻ بدران اهو چيو پيو وڃي ته هاڻ اهو اسان جي عزت جو سوال  آهي.

پنجاب ارسا جا ٻه نمائندا خريد ڪري پنهنجي حق ۾ فيصلا وٺندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هتي ماڻهو وڪامجڻ ڪا نئي ڳالهه ناهي، ڪيئي قومي اسيمبليءَ  ۾ سينيٽ جا ميمبر پنهنجيون وفاداريون مٽائيندا رهيا آهن. خود اهي الزام ايوانن ۾ هڪٻئي تي لڳائيندا رهندا آهن. ذوالفقار علي ڀُٽي کان چشما لنڪ ڪئنال  جي منظوري ان بنياد تي ورتائون ته ٻوڏ جي حالت ۾ جڏهن پاڻي گهڻو هوندو ته ان وقت چشما لنڪ ڪئنال وهائينداسين پر هاڻ اهو سڄو سال وهائين ٿا.

ٻه سال اڳ پنجاب کان  هڪ وفد مشتاق ميراڻي وٽ آيو هو. ان ۾ سنڌ جي پاڻي جي ماهرن اديبن شاگردن سان گڏ آءٌ به شامل ٿيو هوس. سنڌ جي ماڻهن سنڌو درياهه جي پاڻي جي کوٽ ۽ درياهه جي پڇڙي يعني سمنڊ ۾ پاڻي ڇڏڻ بابت  چيو ته صرف ڪروڙن جي مڇي (پلو) تمر جا ٻيلا پنهنجي جاءِ تي پر  پوري مقدار سان سنڌو درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ نه پوڻ ڪري سنڌ جون زرعي زمينون ۽ شهر سمنڊ کائي ويندو. سمنڊ جو کارو پاڻي زير زمين حيدرآباد تائين هلي ايندو. پوءِ کوهه ۽  نلڪا سڀ کارا ٿي ويندا. جڏهن  مٺو پاڻي هن علائقي  کي نه ملندو ته سنڌ ۾ جيوت نه رهندو. ماڻهو به لڏ پلاڻ ڪري ويندا.

 ان وفد جي اڳواڻ ڪاوڙ ۽ جذبات ۾ اچي آپي مان نڪري چيو ته اسان پنجاب وارن کي فصل لاءِ  پاڻي به نٿو ملي ۽  توهان سنڌو درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ملڪ جو نقصان ڪيو  پيا.سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمن جي آڙ ۾ سنڌ جي هارين کان ڦري ڌارين جي حوالي ڪندا ته پوءِ انهن زمينن کي به يقينن پنجابي حڪمران ساڳي مقامي زميندارن سان ملي ڀڳت ڪري غريب هارين کي پاڻي جو ڦڙو به ڪونه ڏيندا. جيئن ڪٿي ڪٿي جاگيردار ڀوتار اڳ ۾ به پاڻي هارين کان  زوري کڻي پنهنجو زمينون آباد ڪندا آهن،  ستر سالن کان اشرافيه پڻ سنڌ جي ماڻهن سان ايئن ڪري رهي آهي.مرڪز ۽ ڀائپي لاءِ نيڪ نيتي ايمانداري انصاف قانون کپي. جنهن کي هن رياست جي پنجابي حڪمرانن بلڪل ختم  ڪيو آهي. هن وقت مرڪز ۾ ٽي قومون باهه جي آڙاهه ۾ ٻري رهيا آهن.  حاڪم به پاڻ ته صلاحڪار به پاڻ ته پوءِ ننڍين قومن سان انصاف ڪير ڪندو.؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.