ٻٻرلوءِ ڌرڻو ۽ ڪفن پوش وڪيل

تحرير: عبدالوهاب منشي

ڇا توهان ان کان اڳ ڪڏهن به ايتري بااعتماد، شعوري، مزاحمتي تاريخي جدوجهد ۽ تحريڪ ڏٺي آهي؟ يقينن نه ڏٺي هوندي. هيءَ "ڇهن ڪئنالن” جي تحريڪ هڪ پرامن ۽ شعوري، مزاحمتي، پڪي پختي تحريڪ آهي، جنهن هن ڌرتيءَ تي رهندڙ هر فڪر ۽ طبقي جي ماڻهن کي هڪ صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. جتي هاڻ سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو چئي ٿو ته وفاق طرفان سنڌو درياهه تي جيڪي ڇهه ناجائز ڪئنال تعمير ڪيا پيا وڃن، اهي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ڪروڙين غيرت مند ماڻهن کي قبول نه آهن.

هيءَ تحريڪ جن سُتل جذبن کي جڳايو آهي، ان ۾ نه ڪا سياسي پارٽي جي طاقت، نه ڪو پارٽي ليڊر، نه ڪو انقلابي فلسفو ۽ نه ئي ڪو نظرياتي لاڳاپو شامل آهي. هي رڳو ۽ رڳو سنڌ جي وڪيلن جي جدوجهد ۽ مستقل مزاجي جو نتيجو آهي، جنهن سڄي سنڌ جي شعور کي هڪ نُڪتي تي گڏ ڪيو آهي ته "سنڌو درياهه تي اسين ڪنهن به ڌاڙي کي قبول نه ڪنداسين، اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي کپي، جيڪو اسان جو حق آهي. "

پنجاب ته پنهنجا درياهه اڳ ۾ ئي هڪ آمر جي هٿان ڀارت کي وڪڻي چڪو آهي، هاڻ جيڪڏهن اوهين سنڌو درياهه تي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جي نالي تي "گرين پاڪستان” ٺاهڻ چاهيو ٿا، ته ڇا اوهان جو ملڪ سنڌ جي معيشت کانسواءِ هلندو؟ ڇا وفاق، پنڊي ۽ پنجاب ٻين صوبن جي وسيلن جو استحصال ڪري سنڌ جي حقن کي لتاڙي سگهندو؟ ڇا اوهان اسان جي زراعت کي تباهه ڪري پنهنجي بنجر زمين کي آباد ڪرڻ چاهيو ٿا؟ نه، هاڻ هي سڀ ڪجهه جديد دور ۾ ممڪن ناهي. اهو ته خود پنجاب ۽ وفاقي حڪومت جي وزيرن جا بيان آهن، جيڪي سنڌ جي شعور کي تيش ۾ آڻين پيا. مصدق ملڪ کان وٺي کھيل داس ڪوهستاني تائين، ڇا اهي رڳو پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ وفاق جا ترجمان بڻجي ويٺا آهن؟

اڄ اهو مسئلو رڳو سياست يا اقتدار جي ورڇ جو نه رهيو آهي، ان سان گڏ سنڌ جي ماڻهن کي پيپلز پارٽي جي قيادت سان به سخت اختلاف آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته انهن ڪئنالن جي اجازت پاڻ صدر پاڪستان آصف علي زرداري ڏني هئي. اڄ بلاول ڀٽو سنڌ صوبي ۾ آخر ڪنهن خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي قيادت واقعي پنهنجي ڌرتي سان سچي آهي، ته هو فوري طور وفاقي حڪومت کان عليحدگي اختيار ڪري ۽ واضح اعلان ڪري ته:” اسين پنهنجي وطن ۽ درياهه کي بچائڻ لاءِ حڪومت ڇڏيون پيا.“ پر ائين نه ٿيندو، ڇو⁠ ته پيپلز پارٽي قيادت اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدي ذريعي سنڌو درياهه جو سودو ڪيو. هي ڪا جذباتي بغاوت ناهي، نه ئي اسان پنهنجي وفاق کي ڪمزور ڪرڻ چاهيون ٿا، پر جڏهن وڪيلن جي پرامن احتجاج تي رات جي انڌاري ۾ فائرنگ ڪري ماحول کي دهشت سان ڀرجي، ته اوهين ڇا سمجهو ٿا؟

ڇا اهڙن هٿڪنڊن سان عامر نواز وڙائچ، رحمان ڪورائي، عشر مجيد کوکر، سمير زمان ميمڻ، بابر رسول ميمڻ، بريسٽر اشتقاق ميمڻ،  عمران علي بورانو، فيصل مغل ۽ هزارين نوجوان وڪيل، سياسي ڪارڪن، جيڪي 50 ڊگري سينٽي گريڊ جي گرميءَ ۾ پنهنجي سَرن تي ڪفن ٻڌي ٻٻرلوءِ روڊ تي احتجاج ڪري رهيا آهن، ڇا اُهي پنهنجي جدوجهد ڇڏي ڏيندا؟ هاڻ انهن وڪيلن جيڪا لائن قائم ڪئي آهي، انهيءَ ذريعي ھو سنڌ، پنجاب کان پنهنجو پورو حساب وٺڻ جي تياريءَ ۾ آهن. هاڻ هيءَ تحريڪ، جدوجهد علم، عقل، سوچ، فڪر ۽ فھم تي بيٺل آهي.هتي نه ڪا جاگيرداري سوچ، نه ڪو روحاني سلسلو، نه مير، نه پير، نه سيد، ۽ نه وڊيرا، سرمايه دار هن تحريڪ جو حصو آهن هيءَ رستا روڪ آهي وسيلن جي لٽ مار، پاڻي جي بندش ۽ سنڌ جي زمين تي قبضن جي خلاف، هاڻ وفاق اسان جو حق زبردستي ڦري نٿو سگهي. هاڻ، هن تحريڪ کي آخري منزل تائين پهچائڻ لاءِ سنڌ جي غيرتمند وڪيلن پنهنجن سرن تي ڪفن ٻڌي ڇڏيا آهن.هاڻ انهن جو هڪ ئي اعلان آهي. ”اسين موت کي به قبول ڪري چڪا آهيون، ۽ وقت جا غازي بڻجڻ لاءِ تيار آهيون.“ تنهن ڪري حڪومت، وفاق ۽ پنڊي کي گهرجي ته هو ٻه قدم پٺتي هٽن، ۽ ملڪ جي سلامتي برقرار رکڻ لاءِ تڪراري  ڪئنال جو منصوبو واپس وٺن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.