سنڌ ۾ پاڻي ۽ زمينن تي والار خلاف وڪيلن ۽ هارين جو ڌرڻو

تحرير: اسحاق تنيو

سکر جي  ٻٻرلوءِ باءِ پاس ۽ ڪشمور جي ديرا موڙ وٽ ڌرڻي جي ٽئين ڏينھن سِنڌ باقي پاڪستان جي حصن کان ڪٽجي وئي آهي. احتجاج جي نتيجي ۾ روڊ تي ٽريفڪ مڪمل جام ٿي وئي آهي ۽ 12,000 کان وڌيڪ سامان کڻي ويندڙگاڏيون، جن ۾ ٽرڪون، ٽريلر، آئل ٽينڪر ۽ مسافر بسون شامل آهن،رڪجي ويون آهن، جنهن سبب ملڪ جي اهم واپار ۽ رسد جي نظام ۾ وڏي رڪاوٽ پيدا ٿي وئي آهي.اهو ڌرڻو ڪراچي بار ڪائونسل جي اڳواڻي هيٺ لڳايو ويو آهي، جنهن کي سنڌ بار ڪائونسل، ضلعي بار ايسوسيئيشنز، هارين جي  تنظيمن، شاگردن، عورتن جي تنظيمَن ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن جي حمايت ۽ ساٿ حاصل آهي. مظاهرو ڪندڙن جو الزام آهي ته "پنجاب پاڻي چوري ڪري رهيو آهي” ۽ وفاقي حڪومت "اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن  ڪائونسل ” جي فوج جي پٺڀرائي حاصل ڪيل اداري پاران ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ انيشيٽو ھيٺ سنڌ جون زمينون عرب ملڪن جي سيڙپڪارن کي ڏنيون پيون وڃن.

احتجاج جا مرڪزي پوائنٽ  ٻه انتهائي ڳڻتيءَ وارا مسئلا آهن، جنھن ۾ ھڪ پنجاب پاران 1991 جي پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي ڇهن ڪينالن جي تعمير۽ وفاقي حڪومت جو ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جي زرعي زمينون پرڏيهي سيڙپڪارن کي ليز تي ڏيڻ شامل آھن.

ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر، ايڊووڪيٽ ڪاظم مهيسر جو چوڻ آھي”ھي نھ رڳو احتجاج پر  جياپي جي جنگ آهي. اسان جا فصل سڪي رهيا آهن، اسان جون زمينون کسجي رهيون آهن، ۽ وفاقي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي.” 40 کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ جي ڇتي گرمي جي باوجود، هزارين ماڻھون ڌرڻي ۾ ويٺل آهن. سندن مطالبا آهن ته پنجاب جي ڪينالن واري رٿا فوري  روڪي وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ ڪيل واعدا رد ڪيا وڃن، ۽ سنڌ کي پاڻي ۽ زمين جي حقن  تحفظ لاءِ آئيني ضمانتون ڏنيون وڃن.

معاشي نقصان : هي ڌرڻو پاڪستان جي معيشت کي وڏو ڌڪ  آھي جنھن سان ڳاٽي ٽوڙ مالي نقصان ٿي رهيو آهي. ڪراچي بندرگاهه  پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ پرڏيھي واپار ۾حصو وجھي ٿي. ھن وقت 8 ھزار کان وڌيڪ ٽرڪن جي ڦاسڻ سان برآمدات ۽ درآمدات جي سامان ۾  گھڻي دير ٿيڻ سان افراتفريءَ مچي وئي  آهي.

افغانستان ويندڙ سامان 18 ھزارڪنٽينرن جي ڦاٿل ھجڻ سان 75 ملين ڊالرن جو مال خراب ٿي رھيو آھي ۽ ڪپڙن جو واپار خطري ۾ پئجي ويوآهي. سي پيڪ جو سامان : زنجانگ روٽ ذريعي چين جي مشينري ۽ خام مال کڻي ويندڙ 5 سئو کان وڌيڪ ٽرڪون رستي ۾ ڦاٿل آهن.آئل ٽينڪر، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ڏانھن راشن جي لاءِ تيل کڻي ويندڙ 2 ھزار 5سئو ٽرڪون بھ ڦاٿل آھن. ڪسٽم جو ڦاٿل سامان، ڪراچي بندرگاهه تي 3 ھزار کان وڌيڪ ڪنٽينر (TEUs) ڪليئر نه ٿيا آهن، روزاني دير جي ڪري پوندڙ ڏنڊ جو خرچ 2 ملين ڊالر کان وڌي ويو آهي.گهريلو سامان جي فراهمي ۾ رخنو، سنڌ مان پنجاب ۽ ڪي پي ڏانهن ويندڙ 40 سيڪڙو ڪڻڪ ۽ ڀاڄين جي کيپ متاثر ٿي آهي.ايڪسپورٽ نقصان،  يورپي يونين  ۽ نار ملڪن ڏانھن لڳ ڀڳ 50 ملين ڊالرز کان وڌيڪ جو سي فوڊ ۽ ڪپڙي جي ايڪسپورٽ ڄڻ لڙھي وئي.

سکر جي هڪ لاجسٽڪ آپريٽر محمد خان چيو تھ ” ھي ھڪ ايمرجنسي معيشت آھي. ۽ هر ڏينهن جي دير سان کين لکن جو نقصان  پئجي رھيو آهي. جيڪڏهن هي سلسلو جاري رهيو ته ڪارخانا بند ٿي ويندا.”ڌرڻي جي شدت ۽ اسلام آباد جي خاموشي، اسلام آباد جي خاموشيءَ جي باوجود، ڌرڻو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهيو آهي.احتجاج ۾ تڏھن وڌيڪ شدت پيدا ٿي، جڏهن آچر جي صبح بنا نمبر پليٽن واريون ٽي گاڏيون ڌرڻي واري هنڌ تي پهتيون ۽ سادن ڪپڙن پاتل ماڻهن پرامن ڌرڻي ۾ شامل ماڻھن مٿان فائرنگ شروع ڪئي. مظاهرين جو الزام آهي ته حملي ڪندڙ سيڪيورٽي ادارن سان لاڳاپيل هئا. جڏهن ته هن وقت تائين سرڪار جاچ جو ڪو اعلان نه ڪيو آهي.

اسلام آباد طرفان اڃا تائين ڪا ڳالهه ٻولهه شروع نه ٿيڻ تي، وڪيلن جي ايڪشن ڪميٽي، جنھن ۾ سنڌ بار ڪائونسل، 18 ضلعي بار ڪائونسلون ۽ سول سوسائٽي جا ماڻھو شامل آهن. انھن وارننگ ڏني آهي ته احتجاج جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو. 22  اپريل 2025 کان، هو پاڪستان ريلويز جي مين لائين 1 (ML-1) کي ھدف بڻائڻ جو ارادو رکن ٿا. جيڪڏهن ڪراچي ۽ پنجاب وچ ۾ مال ۽ مسافر ٽرينن جي آمدرفت بند ڪئي وئي ته ملڪ جي 45 سيڪڙو ريلوي مال برداري، جنهن ۾ ڪوئلو ۽ گوادر مان سي پيڪ جو مال شامل آهي، مڪمل طور تي جام ٿي سگهن ٿا.

ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر، ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو تھ”اسان هر پرامن رستو اختيار ڪري ڏٺو آهي. جيڪڏهن اسلام آباد نه ٻڌندو ته اسان روڊ، ريل ۽ هوائي رستا سڀ بند ڪري ڇڏينداسين، جيستائين سنڌ جا حق تسليم نٿا ڪيا وڃن.”

آئيني ڇڪتاڻ : هن احتجاج پاڪستان جي وفاقي ڍانچي تي به سوال اٿاري ڇڏيا آهن. وڪيلن جو چوڻ آهي ته اهڙا وڏا وسيلن بابت فيصلا، جهڙوڪ بين الصوبا پاڻيءَ جي ورهاست ۽ زمين کي ڪتب آڻڻ بابت،آئين جي آرٽيڪل 153 تحت ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس (CCI) ذريعي ٿيڻ گهرجن. پر SIFC انهن قاعدن کي نظرانداز ڪندي، صوباڻي منظوري کان سواءِ زمين جا معاهدا تيزيءَ سان اڳتي وڌائي رهي آهي.پنهنجي پوڙهي والد سان گڏ ڌرڻي ۾ شريڪ انساني حقن جي ڪارڪن جو چوڻ ھو تھ: "سنڌ کي وسيلن جي ڪالوني بڻايو پيو وڃي. جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته پوري وفاق جي بقا خطري ۾ پئجي ويندي.”قانوني ماهرن، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ ۽ بئريسٽر سرفراز ميتلو جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 184(3) تحت مداخلت ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته عوامي ڀلائي ۽ معيشت کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي.سنڌ حڪومت جو ردعمل ۽ وفاقي اختلاف:ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، جنهن ۾ SIFC سان لاڳاپيل ڇهن ڪينالن  جي تعمير کي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پر وفاقي ڪابينا اندر هن معاملي تي اختلاف موجود آهن.پنجاب جا ايم پي ايز ڳالهه ٻولهه کان انڪار ڪن پيا، جڏهن ته فوجي اسٽيبلشمينٽ SIFC جي سيڙپڪاري واري روڊ ميپ تي قائم  رهي ٿي.

قومي بحران جي شڪل اختيار ڪندڙ احتجاج: ڪراچي کان آيل معاشيات جي پروفيسر اعجاز قريشي جو چوڻ ھو تھ "هي رڳو سنڌ جو نھ بلڪھ سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي،”. دانشور جامي چانڊيو جو چوڻ ھو تھ "جيڪڏهن وفاق سنڌ جا مطالبا تسليم نه ڪندو، ته هي احتجاج مڪمل بغاوت ۾ بدلجي سگهي ٿو ۽  وفاق خطري ۾ آھي .”ٻٻرلوءِ جو ڌرڻو هاڻ هڪ علائقائي احتجاج مان هڪ قومي بحران ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.اهو بحران  پاڪستان جي آئيني وابستگي، برابري ۽ وفاقيت لاءِ امتحان بڻجي چڪو آهي.جڏهن ڌرڻي ۾ "سنڌ جا وسيلا، سنڌ جي ماڻهن لاءِ” جا نعرا گونجي رهيا آهن، ته سوال اڃا به برقرار آهي: ڇا اھي آواز رياست ٻڌندي؟

حل لاءِ تجويزون : هن بحران کي روڪڻ لاءِ اڃا وقت آهي. وفاقي حڪومت کي فوري طور تي هيٺيان قدم کڻڻ گهرجن: 1.پاڻيءَ جي ورڇ بابت تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس(گڏيل مفان جي ڪائونسل) جو اجلاس گهرايو وڃي. 2..SIFCجي زمين حاصل ڪرڻ واري پاليسيءَ جو شفاف جائزو ورتو وڃي3.احتجاج ڪندڙ اڳواڻن سان سڌي ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي وڃي، ته جيئن گڏيل رضامنديءَ سان ڪو حل نڪري سگهي. 4.سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ واضح ٽائم لائين ۽ آئيني ضمانتون ڏنيون وڃن.وڌيڪ دير نه صرف معاشي نقصان جو سبب بڻبي، پر وفاقي ادارن ۾ عوامي اعتماد وڃائڻ جو پڻ سبب بڻجي سگهي ٿي.فيصلائتي، آئيني ڪارروائيءَ جو وقت اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.