سنڌ جو عوام مختلف وقتن تي حڪمران. پاران ظلم ، جبر ، ڏاڍ قھر ، ڪيس، ڪيترن ئي زيادتين ۽ استحصال خلاف جنگ لڙندو پيو اچي.حڪمرانن پاران سنڌ سان ٿيل ٻين زيادتين جو ته ڪوئي شمار ئي ناھي پر ھينئر ته مورڳو درياءَ تي ڌاڙو ھڻي سنڌوءَ مان 6 ڪئنال ڪڍي پنجاب جي بنجر زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي زرخيز ۽ سرسبز کي تباه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ سنڌي قوم جي نڙي تي جيڪا لت ڏني آھي، تنھن سنڌي قوم کي اگھور ننڊ مان بيدار ڪري سندرو ٻڌي ميدان تي لھي ظلم خلاف ڄمي بيھي مقابلو ڪرڻ جو سنيھو ڏنو آھي.ڪيترن ئي مھينن کان پاڻي ۽ سنڌو جي بقا جي جنگ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، شھر شھر ۾، ھر ڳوٺ ڳليءَ ۾، ھر وستي واھڻ ۾، سنڌي قوم جو ھر طبقو صرف سياسي جنگ نه پر پنھنجي قومي وجود جي جنگ سمجھي وڙھي رھيو آھي.
ھن جدوجھد ۾ شروعاتي طور قوم پرست ڌرين قومي عوامي تحريڪ جو سربراه اياز لطيف پليجو ،سائين جي ايم سيد جو پوٽو، سيد زين العابدين شاهه ، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ، وفاقي توڙي صوبائي سطح جون سياسي ۽ مذھبي پارٽيون، ٻيون ننڍيون وڏيون جماعتون ۽ پوري سول سوسائٽي توڙي ھن سماج جا ٻيا سمورا طبقا ۽ سنڌ جي وڪيل برادري ڪجهه مھينن کان جلوسن جي صورت ۾ ، تقريبن جي صورت ۾ احتجاجي مارچ جي صورت ۾ ۽ ڌرڻن جي صورت ۾ جدوجھد ڪندا پيا اچن پر حڪمران حسب روايت انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا بڻجي سندن درد جي دانھن ٻڌي ۽ درمان ڪرڻ بدران انا ۽ ضد ۾ اچي انڌ جي گھوڙي تي سوار ٿي، پنھنجي زبان مان اھڙا ته الفاظ چئي رھيا آھن جنھن مان ھر عقل و فھم وارو ماڻھو ھنن جي ذھنيت کي سمجھي سگھي ٿو.دراصل پنھنجي عوام جو حقيقي آواز ٻڌي ، سندن جائز مطالبي کي تسليم ڪري ننڍن صوبن مان محرومي ۽ مظلوميت جي احساس کي ختم ڪري عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ سان ئي ھن ملڪ ۽ پاڪسان جي رياست کي مضبوط ڪري دنيا ۾ ناقابل شڪست بڻائڻ حڪمرانن جو جو بنيادي فرض ھوندو آھي.
ھر ھڪ باشعور ماڻھو اھو ڄاڻي ٿو ته انھيءَ سڄي صورتحال ۾ پيپلز پارٽيء جو ڪئنالن جي معاملي تي مؤقف بدلجندو رھيو آھي.ان بابت قومي عوامي تحريڪ جي سربراھہ اياز لطيف پليجو ميڊيا کي پنھنجو موقف ڏيندو ٻڌايو ته (پيپلز پارٽي پھريان چيو ته سنڌ ۾ ڪئنال ڪون پيا ٺھن، وري چيو ويو ته ڪئنالن لاءِ بجيٽ رکي وئي آھي پر ڪم ڪون پيو ٿئي، وري چيائون ته ڪئنال ٺاھڻ پيا پر پاڻ ڪونه ٺھڻ ڏينداسين ، وري فرمايائون ته اسين انھن سان ھن مسئلي تي ڳالھائي ڇڏيو آھي، وري چيائون ته اسين ڪورٽ ۾ ويا آھيون ۽ ڪورٽ اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آھي)سنڌ جي چيف منسٽر سيد مراد علي شاهه به ھڪ دفعي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ھو ته (ڪئنال 20 يا 25 ڪلوميٽر ڪونه ٺھيو آھي اھا غلط خبر آھي جيترو ٺھيو آھي آءٌ اوھانکي اھو اسيمبليءَ ۾ ڏيکاريندس) مطلب ته پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ جي وڏي سياسي پارٽي آھي جيڪا سنڌ توڙي وفاق ۾ اقتدار جا مزا ماڻيندي رھي ٿي، جيڪا ڀٽي جي پارٽيءَ جي وارثي ۾ سنڌ اندر ھر اڇي ڪاري جي مالڪ بڻجي ، ڀٽي جي پارٽيءَ توڙي سنڌ جي سمورن وسيلن تي قابض بڻجي، ٻيو ته ٺھيو پر افسوس جو عوام سان ڪائي ھڪڙي ڳالهه به الائي ڇو سڌي ۽ صاف نه ڪري رھي آھي.
پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب پنھنجي نانا ڀٽو صاحب جي ورسيءَ ۾ 4 اپريل جي موقعي تي به سنڌ جي عوام کي ڪئنالن بابت سڌيءَ ريت مطمئن نه ڪري سگھيو ۽ ھيٺان عوام جا ھر ھر اھي نعرا لڳندا رھيا ته ڪئنالن تي واضح اعلان ڪيو، بلاول صاحب چوندو رھيو ته (مان انھيءَ اشو تي بعد ۾ ڳالھايان ٿو نه ته اوھين ھليا ويندا)پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار احمد کھڙو صاحب به ڪجهه وقت اڳ ڪئنالن جي مسئلي تي ڳالھائڻ وقت ڄڻ ته ڪنھن وڏي مصيبت ۾ ڦاسي پيو ھو پر ٽيون ڏينهن پيپلز پارٽيءَ جي حيدرآباد واري جلسي ۾ نثار کهڙي صاحب کان وٺي ، مراد علي شاهه صاحب ۽ بلاول صاحب ڪئنالن خلاف وڏا اڀ ڏاريندڙ نعرا به ھڻايا ته بلاول صاحب پنھنجي تقرير ۾ وفاقي حڪومت کي اتحاد ختم ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني.
سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏھن واقعي ئي بلاول صاحب پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌي قوم سان گڏجي بيھندو ته پوءِ ملڪ دشمن رٿا جي خلاف وفاقي حڪومت کان الڳ ٿي وڃڻ ۾، اھڙي سنڌ دشمن حڪومت کان جدا ٿي وڃڻ ۾ آخر ھن جي ڪھڙي مجبوري آھي جو ھن وقت تائين پيپلزپارٽي شھباز حڪومت کي پنھنجي ڪلھن تي کڻي ھلندي به رھي ٿي ۽ رڙيون به ڪندي رھي ٿي؟ٻيو وڏو سوال اھو به آھي ته جڏھن سنڌ ۾ مختلف جڳھن تي ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ وارن تي سنڌ حڪومت ۾ آخر ڪيس ڇو داخل ٿي رھيا آھن؟ھي به سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخرڪار ڪھڙو سبب آھي جو پنجاب جي صوبائي وزير عظمي! بخاري چئي رھي آھي ته (ڪئنالن جي رٿا تي صدر زرداري صاحب پاڻ پنھنجي رضا سان صحي ڪري چڪو آھي، جيڪڏھن کيس اعتراض آھي ته پوءِ پنھنجي رٿا واپس وٺڻ جو ڇو اعلان نٿو ڪري؟)ميڊيا تي ھلندڙ خبرن مطابق ڄاڻ ملي ٿي ته عوام جو ھڪ وڏو ميڙ ڪٿي چئي رھيو ت جيڪڏھن اگر سنڌ حڪومت ڪئنالن جي واضح حمايت ڪري ته پوءِ کين گلي کان پڪڙي ايوان مان ٻاھر ڪڍيو ويندو.
ھن وقت ڪئنالن جي خلاف وڏي پيماني ته ھلندڙ ڪئنالن خلاف ھلايل قومي ۽ احتجاجي تحريڪ جو علم وڪيل برادري پنھنجي ھٿن کڻي پرعزم ٿي بيٺي آھي ۽ تحريڪ تيز ٿي چڪي آھي، جنھن ۾ سماج جا سمورا طبقا سراپا احتجاج بڻجي ٻٻرلو باءِ پس تي ٻن ڏينھن کان ميدان عمل ۾ آھن. افسوس ۽ شرم جي ڳالهه اھا آھي جو ھن ملڪ جا حڪمران، پنھنجي عوام جا درد ٻڌڻ بدران، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُالله چوي ٿو ته اگر وڪيل ۽ سنڌ جا ماڻھو ڌرڻا ھڻي پنجاب جا رستا بند ڪندا ته پوءِ اھڙي ڪارروائي ڪنداسين جو انھن کي جتيون به ھٿ نه اينديون، ڇا سموري سنڌي قوم کي رياست جو برابر ڀائيوار ۽ شھري سمجھڻ بدران کين غلام سمجھيو پيو وڃي؟ اڄ جي ھن صورتحال ۾ ھر ھڪ جي سياست پنھنجي جاءِ تي ڀل ڪجهه به ھجي پر ڪئنال جي معاملي تي ھن قومي وجود جي بقا جي جنگ ۾ سنڌ جي عوام جو پيپلز پارٽيء مٿان پورو پورو حق آھي ته ھو وفاقي حڪومت جي اتحاد توڙي اقتدار کي پيرن سان ٿڏي ۽ لت ھڻي وفاقي حڪومت کي ڪيرائي عوام سان گڏ بيھي رھي ته پوءِ سمجهه ۾ ايندو ته ھن وقت ھي به سنڌي قوم سان گڏجي بيٺا آھن باقي صرف ڳالھيون ڪرڻ ۽ ڪي ضروري عملي قدم نه کڻڻ کي عوام منافقت سمجھندو.