ڦل جو گرلس اسڪول ۽ ھنري سکيا مرڪز لاوارث بڻيل

ڦل شھر جي مين اسٽاپ تي پرائمري بوائز اسڪول سان گڏوگڏ   قائم آھي  گرلس پرائمري اسڪول  ڪيترن سالن کانپوءِ مرمت لاءِ پئسا رکيا ويا ٺيڪيدار ناقص مٽيريل سان ڪم شروع ڪرايو  جيڪو چوديو اري ۽ ٻن ڪمرن کي ڇت وجھي ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويو  ھن وقت گرلس پرائمري اسڪول ۾ پاڙي وارن ان اسڪول اندر چوپايو مال ٻڌڻ شروع ڪيو آھي ۽ساڳئي وقت محلي وارن طرفان گند ڪچرو اڇلايو پيو وڃي انتظاميا طرفان ڪو به تحرڪ نٿو ورتو وڃي ۽ ڪامورا شاھي طبقو اگھور ننڊ ۾ ستل آھي

ھوڏانھن   ڦل شھر ۾ مين بس اسٽاپ ڀرسان ويھ لک روپين جي لاڳت سان قائم نياڻين جو ھنري اسڪول گذريل 10 سالن کان وڌيڪ عرصي کان بند لاوارٽ پيل آھن  سموري بلڊنگ زبون حال ۽ خطري ۾ آھي ھنري سکيا مرڪز لاءِ مليل سامان ڪرسيون  بينچون   مشينون وغيرھ   سڙي ڳري ۽چوري ٿي ويون ـ ھتان جي عوام جو وزير ٿعليم ڊي اي او پرائمري گرلس   سنڌ حڪومت  جي صوبائي وزير سماجي ڀلائي کاتي ڊي سي نوشھرو فيروز سميت وس وارن کان پرزور گھر ڪجي ٿي ته ڦل شھر م قائم نياڻين جي ھنري اسڪول ۽ گرلس پرائمري اسڪول  تان قبضا ختم ڪرائي اسڪولن جي فوري طور  مرمت چوديواري اسڪول جي مين گيٽ ٺھرائي ڏني وڃي ۽ ھنري  اسڪول م گھربل اسٽاف مھيا ڪري نياڻين جو ھنري اسڪول ھلائي ڦل شھر سميت آسپاس  جي نياڻين کي ھنري سکيا جو بندوبست ڪيو وڃي

محمد ڦل / ڦل شھر

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.