بنگلاديش جو پاڪستان کان الڳ ٿيڻ کان اڳ رھيل رقم ڏيڻ جو مطالبو

پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ 51 سالن  جي ڊگھي عرصي کانپوءِ پرڏيهي سيڪريٽري سطح جي ڳالهين جو ڇهون دور منعقد ٿيو. ڍاڪا ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پنهنجي بنگلاديشي هم منصب جاسم الدين سان هڪ وفد سميت ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي بحث ٿيو، خاص طور تي ٻنهي ملڪن ۾ واپاري لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ ٻطرفي سھڪاربابت  نئين امڪانن جو به جائزو ورتو. ان دوران آمنه بلوچ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر محمد يونس ۽ پرڏيهي صلاحڪار سان به الڳ الڳ ملاقاتون پڻ ڪيون.

بي بي سي مطابق،15 سالن بعد  پرڏيهي سيڪريٽرين جي پهرين باضابطه ملاقات ۾ ڪجھه اڻ نبريل معاملن  تاريخي معاملن تي به ڳالھيون ٿيون.پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات کان پوءِ جاسم الدين پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته بنگلاديش 1971 ۾ پاڪستان کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ رھيل رقم 4.32  ارب ڊالر ن جي بھ گھر ڪئي آھي.گڏوگڏ  ڍاڪا 1971 جي جنگ  ۾مبينا ظلمن  تي پاڪستان کان باضابطه معافي وٺڻ جو مسئلو پڻ اٿاريو.پرڏيهي سيڪريٽري جاسم الدين چيو ته هن بنگلاديش ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي پنھنجي وطن  واپسي ۽ 1970 جي طوفان جي متاثرين لاءِ موڪليل پرڏيهي امداد جي منتقلي جو به مطالبو ڪيو.صحافين پاران سوال پڇڻ تي ته ڇا بنگلاديش هاڻي هندستان بدران پاڪستان ڏانهن جهڪا رکي ٿو. پرڏيهي سيڪريٽري جاسم جو چوڻ ھو تھ بنگلاديش پاڪستان سان پنهنجا لاڳاپا مضبوط بنيادن تي برقرار رکڻ چاهي ٿو، ته ان لاءِ مسئلن کي حل ڪرڻ ضروري آهي.

جاسم الدين موجب ڍاڪا جي ڊھڻ کان اڳ غير ورهايل پاڪستان جي دولت جي منصفانه ورڇ جو معاملو اٿاريو ويو، جنهن ۾ بنگلاديش ۾ پاڪستانين جي واپسي ۽ 1970 جي طوفان جي متاثرين لاءِ پرڏيهي امداد جي منتقلي شامل هئي.سندس چوڻ ھو  ته بنگلاديش ۾ ڦاٿل ڪجهه پاڪستاني بنگلاديش ۾ رهڻ چاهين ٿا، پر ڪجهه پاڪستان واپس اچڻ چاهين ٿا.بنگلاديش ۾ ڦاٿل پاڪستانين جو ڪل تعداد 324,447 آهي.جاسم الدين دعويٰ ڪئي ته پاڪستان انهن معاملن تي بحث ڪرڻ لاءِ چيو هو. جاسم الدين موجب ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي تسلسل کي نظر ۾ رکندي، پاڪستاني پرڏيهي وزير  27 ۽ 28 اپريل تي بنگلاديش جو دورو ڪندو. 2012 کان پوءِ ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير جو بنگلاديش جو هي پهريون دورو هوندو.پاڪستاني پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ انهن معاملن جو ڪو به ذڪر ناهي.پاڪستان جي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ڌرين ۾سياسي، اقتصادي، ثقافتي، تعليمي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي  خيالن جي ڏي وٺي ڪئي وئي  ۽ باقاعده ادارتي ڳالهين، التوا ۾پيل معاهدن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ،واپار، زراعت، تعليم ۽ مواصلات ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو

پاڪستان پنهنجي زرعي يونيورسٽين ۾ تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جڏهن ته بنگلاديش پڻ ماهيگيري ۽ سامونڊي مطالعي ۾ ٽيڪنيڪل تربيت فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس مطابق ڌرين  ٻنهي ملڪن  ۾ رابطي کي اهم قرار ڏيندي، ڪراچي ۽ چٽاگانگ  ۾ سڌي شپنگ جي شروعات جي آجيان ڪئي ۽ سڌي طرح هوائي رابطن کي بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.پاڪستاني پرڏيهي سيڪريٽري بنگلاديشي ڌر کي هندستان جي غير قانوني طور والاريل  ڪشمير جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن جي مطابق تڪرار جي جلد حل جي ضرورت تي زور ڏنو.

ياد رهي ته بنگلاديش ۽ پاڪستان  ۾پرڏيهي سيڪريٽرين جي سطح تي آخري ملاقات 2010 ۾ شيخ حسينه جي حڪومت جي پهرين دور ۾ ٿي هئي. ان کان پوءِ ٻنهي ملڪن  ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ گهٽتائي آئي.گذريل سال آگسٽ ۾ بنگلاديش ۾ شيخ حسينه جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڪجهه حد تائين بهتر ٿيندا نظر اچن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي سيڪريٽرين ان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڍاڪا ۾ ملاقات ڪئي.

گذريل سال سيپٽمبر ۾، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي، بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس ۽ پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) جي بحالي ذريعي علائقائي تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ھئي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته گذريل سال بنگلاديش جي سياسي منظرنامي ۾ تبديلي کان پوءِ، پاڪستان ھندستان  مخالف جذبي مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ علائقائي سياست ۾ بنگلاديش کي پنهنجي پاسي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.پاڪستاني پاليسي ساز بنگلاديش جي هندستان سان وڌندڙ تڪرار ۽ چين سان وڌندڙ لاڳاپن جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.بنگلاديش ۽ هندستان جي پرڏيهي سيڪريٽرين گذريل ڊسمبر ۾ ڍاڪا ۾ شيخ حسينه جي حڪومت جي زوال کان پوءِ خراب ٿيندڙ سفارتي لاڳاپن ۽ سياسي ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ ملاقات ڪئي هئي.ٻئي طرف، آگسٽ 2024 ۾، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف پروفيسر محمد يونس کي شيخ حسينه جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.جنھن بعد ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ميدان ۾ ڪم ڪيو ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.