وڪيل برادري ٻٻرلو باءِ پاس وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي . وڪيل برادري سان چڱي تعداد ۾ عام شهري به ڌرڻي جي جاءِ تي موجود آهن. هاڻي، پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي ۾ شامل سموريون جماعتون، ۽ ٻيون سڀ قوم پرست ۽ ترقي پسند سياسي جماعتون، گڏيل طور تي ڪئنال ڪڍڻ جي منصوبن جي خلاف ته چٽو موقف اختيار ڪري رهيون آهن، پر ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن جي لاءِ مخصوص ڪيل لکين ايڪڙ زمين جا نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي سلسلي ۾ چٽو موقف اختيار ڪري ” طاقتور واڳ ڌڻين ” کي ناراض ڪرڻ کان لنوائي رهيون آهن
. ڪجهه اليڪشني حريف جماعتون ۽ شخصيتون وري هن مجموعي ماحول کي ” ووٽ بينڪ” طور پنهنجي فائدي ۽ پنهنجي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ ۾ مصروف آهي، پرجيستائين ڪئنال ڪڍڻ جي منصوبن کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن لاءِ مخصوص ڪيل لکين ايڪڙ زمين جا نوٽيفڪيشن واپس نه ورتا ويندا تيستائين انهن لکين ايڪڙ زمين جا مالڪ اهي ئي رهندا جن کي سنڌ ڌرتي جي اها لکين ايڪڙ زمين باقاعدي نوٽيفڪيشن جاري ڪري الاٽ ڪئي وئي آهي.
ان کان سواءِ جيستائين سنڌو درياھ جي ” پيٽ ” ڪنارن سان گڏ ، ڀر پاسي ڪچي جي علائقي ۾ قبضا، اڏاوتون، رڪاوٽون ۽ رنڊڪون هٽائي، سنڌو درياھ جي پاڻي جا قدرتي لنگھه سمونڊ تائين صاف ڪري، بحال نه ڪيا ويندا ۽ عالمي ماهرن جي طرفان لازمي قرار ڏنل درياھ جي پاڻي جو مقدار ۽ سمونڊ تائين ڇوڙ يا نيڪال بحال ڪرڻ کي يقيني نه بنايو ويندو تيستائين، سنڌ ڌرتي تي آباد ست ڪروڙ انسانن جا مسئلا جيئن جو تيئن برقرار رهندا . اها ڳالهه سمجھڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ انتهائي سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي. صرف ۽ صرف ڪئنال ڪڍڻ جي منصوبن کي ختم ڪرڻ ناڪافي ٿيندو ۽ اهڙي طرح موجودہ صورتحال کي هڪ ٻئي جي خلاف ، اليڪشني مفادن يا ووٽ بينڪ جي لاءِ استعمال ڪرڻ، سنڌ جي عوام سان سنگين مذاق ڪرڻ جي مترادف ٿيندو سنڌ جا نوجوان، شاگرد ، وڪيل، نياڻيون، هاري، آبادگار، اديب، دانشور، ڊاڪٽر، انجنيئر، صحافي، ڳوٺاڻا ۽ سمورا ساڃاهه وند شهري، گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ” سنڌ جي سموري سياسي قيادت ” تي اکيون بند ڪري، اعتماد ڪري مسلسل پنهنجو پاڻ ملهائي رهيا آهن. جڏهن ته حڪمران سراپا سنڌ کي ٿڪائڻ ۽ مايوس ڪري ماٺ ڪرڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيا آهن .نه ته غلطي جي ڪا گنجائش آهي ، نه ئي غلط بياني يا ويساه گهاتي ڪرڻ جي گنجائش آهي، نه ئي مسلسل ڀروسو ڪري جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ ديس واسين سان دروغ گوئي ڪرڻ يا گمراہ ڪرڻ جي گنجائش آهي ۽ نه ئي وري هن شاندار جدوجهد کي ” اڌورو ،اڻ پورو يا نامڪمل ” ڇڏڻ جي گنجائش آهي.
ان ڪري جيستائين ڪئنال ڪڍڻ جي منصوبن کي رد ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن جي لاءِ سنڌ ڌرتي جي زمينن کي مخصوص ڪرڻ جا نوٽيفڪيشن واپس نه ورتا ويندا ۽ جيستائين سنڌو درياھ جي قدرتي لنگهن کي بحال ڪري درياھ جي پاڻي جي ضروري ڄاڻايل مقدار کي گهربل پريشر سان سمونڊ تائين ڇوڙ ڪرڻ کي يقيني نه بنايو ويندو تيستائين سنڌ جي ستن ڪروڙ انسانن جو وجود بدستور داءُ تي لڳل هوندو. اها ڳالهه سمجھڻ ۽ سمجھائڻ اشد ضروري به آهي ته وڌيڪ اجاڳر ڪري سياسي قيادت کي ڪنهن به مصلحت جو شڪار ٿيڻ کان خبردار به ڪرڻو آهي ته هن شاندار اجتماعي جدوجهد کي ڪاميابي سان همڪنار به ڪرڻو آهي.