دليلن کان ڌرڻن تائين، وڪيلن جي وفا جو سفر 

تحرير: ساحر ٻپڙ

سنڌ اها ڌرتي آهي، جيڪا سچ، سوڀ ۽ سورمن جي سرزمين آهي. هيءَ اها ڌرتي آهي جتي درياهه به سنڌو نالي سان سڏبو آهي، جتي هوا به صدين کان جدوجهد، جذبن ۽ جاڳرتا جا گيت ڳائيندي ايندي رهي آهي. هتي جي زمين زنده ضميرن، بهادر سپاهين، زبان تي آزاديءَ جا نعرا ھڻندڙ ۽ سر قربان ڪندڙ سورمن سان ڀري پئي آهي. سنڌ جي ان ئي اڻٿڪ جدوجهد جو هڪ اهم مورچو هتي جا وڪيل آھن. جيڪي قلم جي ميدان جا مجاهد، دليلن جي زبان سان عدالتون فتح ڪندڙ ۽ ڌرتيءَ جي دردن جا ترجمان آھن. هنن جو ڪردار فقط قانون جي حدن ۾ بند ناھي، پر هو ڌرتيءَ جي شعور جا سچا سالار بڻيا آھن. اهي ئي وڪيل آهن، جن ون يونٽ کي ڊاهڻ لاءِ ڌرڻا ڏنا، ضياءَ جي ظلم خلاف جيلون ڀوڳيون، ايم آر ڊي جي حوصلي ڀري تحريڪ ۾ عوام جي اٿاھ اندر گونجندڙ نعرن سان جاکوڙ ڪئي ۽ عدليه جي بحاليءَ لاءِ راتين جا ڏينهن هڪ ڪري تحريڪون هلايون. هنن پنهنجي ڪردار، قرباني ۽ جدوجھد سان تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ قائم ڪئي.

موجوده دور ۾، جڏهن سنڌو درياهه تان ڇهن نون ڪئنالن جي سازش رچجي رهي آهي، تڏهن به اهي ئي وڪيل خاموشيءَ جا زنجير ٽوڙي ڌرتي جو آواز بڻجي اڀريا آھن. انهن پنهنجي قلم جي نوڪ تي صداقت، پنهنجي زبان تي حق جي عبادت ۽ پنهنجي دل ۾ ڌرتيءَ لاءِ بي انتها محبت جو جذبو کنيو آهي. اهي اُهي سپاهي آهن، جن جي وڪالت صرف عدالتن تائين محدود ناھي رهي بلڪه هو ڌرتيءَ جي حقن، ورثن، وسيلن ۽ وحدانيت لاءِ علم بلند ڪري، انقلاب ۽ مزاحمت جا مسافر بڻيا آھن. جن جي واٽ، جن جا لفظ ۽ جن جي دلين جو ڌڙڪو به سنڌ لاءِ آهي. ھي اهي ئي آهن، جيڪي حيدرآباد کان ڪراچي تائين ريليون ڪڍي ڌرتيءَ جي بقا جو راڳ ڳائيندا رهيا ۽ اڄ ان ئي تسلسل کي جاري رکندي ٻٻرلوءِ جي ڌرتيءَ تي لڪن، ڪاڙهن ۽ دٻاءُ ڌمڪين جي باوجود جذبي جنون عمل ۽ عزم سان سراپا احتجاج بڻجي بيٺا آهن.

وڪيلن جي جدوجهد، تاريخ جي ورقن تي فقط قانوني تحريرن جي صورت ۾ نه پر رت جي روشن سٽن ۾ لکيل آهي. هي اهي آواز آهن جن رڳو عدالتن جي چوديواري اندر نه پر رستن، ريلين، جلسن ۽ جيلن ۾ به ڌرتيءَ جي وڪالت ڪئي آهي. 1955ع جو سال سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ زهر وانگر داخل ٿيو. ون يونٽ جي نالي ۾ سنڌ جي الڳ قومي سڃاڻپ، تاريخي حيثيت ۽ وجود کي وفاقي سانچي ۾ ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ٿي. ان وقت به سنڌ جا وڪيل جاڳي پيا. انهن پنهنجي بار اسوسئيشنن مان صدائن جي شروعات ڪئي، قراردادون پاس ڪري سنڌ جي قومي حيثيت لاءِ جنگ جو علم بلند ڪيو. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن مان انهن جو احتجاجي آواز، ون يونٽ جي مصنوعي سڃاڻپ جي ڀتين ۾ ڌڪ بڻجي لڳو. انهن عدالتن ۾ بيهي، قانون جي روح سان سنڌ جي وجود جو تحفظ ڪيو. اڃا ون يونٽ جا زخم ڀريا ئي نه ھئا ته جنرل ضياءَ جي آمريت، ملڪ تي اونداهي رات وانگر ڇانئجي وئي. جڏهن جمهوريت جا در بند ڪيا ويا، تڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ سنڌ جي زمين تان اڀري. ان وقت به وڪيل فقط قانون جا ماهر نه پر مزاحمت جا مجاهد بڻجي سامهون آيا. هنن پنهنجا گائون لاٿا، پر ضمير جو لباس نه لاٿو. جيلن جون سلاخون، ڪوڙا ڪيس، تشدد، ڌمڪيون دٻاءُ به انهن جي ارادن کي روڪي نه سگھيا، انهن لاءِ وڪالت فقط پيشو نه پر ڌرتيءَ جي حلف تي وفاداري هئي. وقت جي واءُ وري بدلجڻ لڳي ۽ 2007ع ۾ مشرف جي آمرانه قدمن خلاف، جڏهن چيف جسٽس افتخار چوڌري کي هٽايو ويو، تڏهن قانون جي آزادي خطري ۾ پئي. پر سنڌ جا وڪيل هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان تي آيا ۽ آزادي، انصاف ۽ عوام جي آواز بڻجڻ جو نئون حلف کڻي رستن تي ريليون، پريس ڪلبن اڳيان ڌرڻا ۽ عوام ۾ شعور جي لاٽ ٻاري اهو ثابت ڪيو ته عدالتون فقط عمارتون ناهن پر ضمير جو مورچو آهن، جتي قانون جي بالادستي لاءِ وڪيل پنهنجو سڀ ڳالهه قربان ڪري سگهن ٿا.

سنڌ جي وڪيلن جي اها جدوجهد ڪو واحد باب ناهي، بلڪه مسلسل هڪ داستان آهي. جنهن ۾ مزاحمت، وفاداري، علم، دليل ۽ ڌرتيءَ سان عشق جو اظهار هر هر ورجائجي ٿو. اڄ جڏهن سنڌ جي ڌرتيءَ تي ٻيهر ڌاڙو هڻڻ جي ناپاڪ سازش ڪئي پئي وڃي، جڏهن سنڌو درياهه تان ڇهن نون ڪئنالن ذريعي وسيلن جي لتاڙ واري منصوبا بنديءَ سان آغاز ٿي چڪو آهي، تڏهن وري به سنڌ جا وڪيل پنهنجي روايتن، ذميوارين ۽ ضمير سان وفاداريءَ جو اظهار ڪندي ميدان ۾ نڪتا آهن. نه فقط بار روم جي حدن ۾ رهندي قراردادون پاس ٿيون، پر انهن لفظن کي ھڪ آواز بڻائي عملي جاکوڙ ۾ تبديل ڪيو ويو آھي. رمضان جي مهيني ۾ جڏهن سموري سنڌ سراپا احتجاج ھئي، تڏهن به سنڌ جي وڪيلن پنهنجي اٿاھ وابستگيءَ جو ثبوت ڏيندي حيدرآباد کان ڪراچي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، جيڪا سنڌ جي زخمي دل جو ڌڙڪندڙ آواز هئي، انهن جي نعرن ۾ ڌرتيءَ جو درد، تاريخ جي دانهن ۽ درياهه جون صدائون شامل هيون. ۽ اڄ جڏهن ٻٻرلوءِ ۽ ديرا موڙ تي وڪيلن جا ڌرڻا لڳا آهن، تڏهن لڳي ٿو ڄڻ عدالتي ضمير ڌرتيءَ جي حق ۾ ٻيهر زنده ٿيو آهي. اهو ڌرڻو رڳو هڪ احتجاج نه پر قومي غيرت جو اظھار آھي. اهي رستا، جيڪي پنجاب ڏانهن وڃن ٿا، صرف ٽرئفڪ جا رستا نه آهن پر صدين کان جاري وسيلن جي چوريءَ جا رستا به آهن، جن کي روڪڻ لاءِ هاڻ وڪيلن پاڻ کي انساني ديوار بڻائي بيهاريو آهي. اهو نظارو ھڪ نئون سياسي شعور، قومي بيهڪ ۽ انقلابي مزاج آهي. جنهن مان اهو صاف پيغام ملي ٿو ته سنڌ هاڻ رڳو اقتداري سوداگرن جي مهربانين تي جيئڻ نٿي چاهي پر هو پنهنجي وسيلن، پنهنجي درياهه، پنهنجي وحدت ۽ پنهنجي حقن جي وارثي پاڻ ڪندي.اها جاکوڙ نئين دور جي سياسي بي حسيءَ خلاف، وفاق جي وسيلن تي قبضي جي ڪوششن خلاف ۽ سنڌ جي وحدانيت، ورثن ۽ حقن جي بچاءَ لاءِ هڪ تاريخي مزاحمتي تحريڪ آهي. هي سنڌ جي وجود، هن جي صديون پراڻين تهذيبن، هن جي ڌرتيءَ سان نڀايل رشتن ۽ هن جي ماڻهن جي اڻ ٽٽ محبت جي حفاظت جو وچن آهي. سنڌ جا وڪيل هاڻ رڳو دليل نه ٿا ڏين پر ڌرتيءَ لاءِ پنهنجي وجود، وقت ۽ ارادي جي قرباني پيش ڪري رھيا آھن. ۽ ائين اها تحريڪ سنڌ جي قومي مزاحمت جو حصو بڻجي تاريخ ۾ امر ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.