دنيا جا امير ڪلب ۽ سندن ارادا

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

1) سٺو ڪلب

2) ڪلب آف روم (Cor)

سٺو ڪلب       (the Good Club)

        2009 ۾ دنيا جي ڪجھه امير ترين ماڻهن نيو يارڪ ۾ راڪفيلر يونيورسٽي ۾ عالمي صحت جي مستقبل بابت ايجنڊا طئي ڪرڻ يا دنيا کي بچائڻ لاءِ هڪ ڳجھي گڏجاڻي ڪئي.  ان ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهو ۽ ادارا هئا: بِل گيٽس، ڊيوڊ راڪفيلر، جا رج سوروس، ٽيڊ ٽرنر، ميڪائل بلو مبرگ، ويرن بفيٽ ۽ اوپرا وِنفري (ڪنٽروليگا رڪس سيمس برونر). ان گڏجاڻي ۾ بل گيٽس دنيا جو پھريون نمبر مسئلو انساني آباديءَ جو وڌڻ (Over Population) ٻڌايو. هن ڪلب جي رڪنن خاص طور تي راڪفيلرس، دنيا جي آبادي گھٽائڻ لاءِ (1973 کان وٺي) گھڻو ڪم ڪيو آهي.

        سندن خيال آهي ته گهٽ ڄم جي شرح، گهٽ گندلاڻ پئدا ڪندي. اوپرا ونفري پنھنجو پليٽ فارم سالن کان ڄم ڪنٽرول ۽ ٻار ڪيرائڻ (Abortion) لاءِ استعمال پئي ڪيو آهي۔

  سوروس، بفيٽ، راڪفيلر، بلو مبرگ ۽ بل گيٽس ڄم روڪ طريقن ۽ دوائن ۽ ٻارن ڪيرائڻ جي عملن لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر جي رقم جي امداد ڏني آهي، جنھن سان اٽڪل ٽيھه لک اڻ ڄاول ٻار ختم ڪيا ويندا. (ابارشن ڪيئر نيٽورڪ راڪفيلر فائونڊيشن 2022)

گُڊ ڪلب جي ان گڏجاڻيءَ ۾ واعدو ڪرڻ (Giving Pledge) جي نالي سان هڪ دستاويز تي ميمبرن صحيحون ڪيون جنھن جو مقصد ”پنھنجي نجي دولت هڪ نظرياتي طور متفق / سلهاڙيل غير منافع بخش تنظيم کي منتقل ڪرڻ جو واعدو ڪرڻ هو“. هن Giving Pledge ۾ منتقل ڪيل پئسن جو تازه ترين تخمينو 600 ارب ڊالر آهي. هن منصوبي جو بخشش ڪيل (Endowment) فنڊ ئي هن دنيا کي بھتر نموني تبديل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪافي آهي.

(پيٽرڪوٽيڪي: دي بلينيئر ”گِونگ پليج“ بزنس انسائيڊر: 2018).

ڪلب آف روم (Club of Rome)

  هن ڪلب جو آغاز سائنسدانن، انٽليڪچوئلس، تعليم دانن ۽ تجارتي ليڊرن جي هڪ غير سياسي گھڻ قومي گروپ طور ٿيو، جيڪي انسان ذات کي درپيش عالمي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام گھڻو ڪوشان آهن. اڄ هيءَ ڪلب 100 ميمبرن تي ٻڌل آهي جنھن ۾ مختلف شعبن جا چوٽيءَ جا دانشور ۽ حڪومتن جا سربراھ، سفير، سائنسدان ۽ ٻيا ٽيڪنو ڪريٽ شامل آهن.WEF، هن ئي ڪلب جي هڪ ڌي تنظيم آهي. هيءَ ڪلب مستقبل جون رپورٽون تيار ڪندي آهي، جن ۾ عالمي پرڏيهي ۽ ڏيهي پاليسيون، مغربي دنيا لاءِ وضع ڪيون وينديون آهن.

  1970 ۾ هن ڪلب پنھنجي پھرين رپورٽ ”انسان ذات جي پريشاني“ جي عنوان سان پڌري ڪئي. هن رپورٽ ۾ آباديءَ جي وڌڻ ۽ گدلاڻ کي انسان ذات جي مکيه مسئلن طور پيش ڪيو ويو، جن لاءِ چيو ويو ته ڪوبه هڪ ملڪ پنھنجي طور تي انھن کي حل نه ٿو ڪري سگهي، انڪري انسان ذات کي هڪ عالمي حڪومتي ڍانچي (Global Governance Structure) جي ضرورت آهي،  جيڪڏهن اها زنده رهڻ چاهي ٿي ته. 1991 ۾ هن ڪلب هڪ ڪتاب – دي  فرسٽ گلو بل رووليوشن، جي نالي سان شائع ڪيو جنھن ۾ ان ڪلب جي ايجنڊا پڌري ڪئي وئي.

  ”هڪ مشترڪه دشمن لاءِ ڳولا ڪندي جنھن خلاف اسان متحد ٿي سگھون ٿا اسان کي هڪ خيال آيو ته آلودگي، عالمي گرميءَ جي درجي وڌڻ جو خطرو، پاڻيءَ جون کوٽون، ڏُڪر وغيره ئي اسان جا مشترڪه دشمن آهن پر هنن خطرن کي بطور دشمن قرار ڏيندي اسان ڄار ۾ ڦاسي پئون ٿا، جنھن کان اسان اڳ ئي پڙهندڙن کي خبردار ڪيو آهي يعني ان لاءِ ته بيماريءَ جي نشانين کي ان جو سبب سمجهڻ جي غلطي ڪرڻ. هي سمورا خطرا، فطري ڪمن ۾ انساني مداخلت سبب ٿين ٿا ۽ اهو رڳو بدليل روين ۽ ورتاءَ معرفت ئي آهي جو انھن مٿان غالب پئجي سگهجي ٿو. پوءِ اصل دشمن خود انسان ذات آهي “.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.