ڪئنالن خلاف وڪيلن جي تحريڪ ۽ ڌرڻي جي آجيان ڪجي ٿي

ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلا ف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار ايسوسيئشن طرفان هلندڙ تحريڪ زورن تي آهي. ڪالهه وڪيل برادريءَ ٻٻرلوءِ  باءِ پاس وٽ شديد گرميءَ ۾ ڌرڻو ڏنو. وڪيل برادريءَ  جي ٻٻرلوءِ  باءِ پاس ڏانهن ويندڙ قافلو جنهن به شهر مان گذري رهيو هو ته ان مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي. ان قافلي جي آجيان سڀني قوم پرست جماعتن به ڪئي وڪيل برادري جي اڳواڻن مختلف جڳهن تي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين ڪئنال منصوبو رد نه ٿيندو تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسلام آباد ڏانهن به مارچ ڪري ڌرڻو ڏئي سگهون ٿا.

هيءَ تحريڪ جيئن ته سنڌو درياهه جي بقا لاءِ  آهي تنهن ڪري هر مڪتبهءَ فڪر جو ماڻهو هن تحريڪ سان سلهاڙيل آهي، ان لحاظ کان هيءَ تحريڪ منفرد ۽ گهُڻ رخي  به آهي. ڪئنالن خلاف هن تحريڪ ۾ هڪ ئي وقت قوم پرست جماعتون، سياسي ۽ مذهبي پارٽيون، عورتون، استاد، شاگرد، ٻار، وڪيل، ڊاڪٽر، اديب، آبادگار، فنڪار سڀ شامل آهن ٻيو ته ڇڏيو حڪمران جماعت پ پ ۽ سنڌ حڪومت به هن تحريڪ جو حصو بڻجي چڪي آهي ۽ ممڪن آهي ته هڪ اهڙو به مرحلو اچي جو اها مسلم ليگ ن جي وفاقي حڪومت جي حمايت ختم ڪري ۽ ان نتيجي ۾ وفاقي حڪومت ئي ختم ٿي وڃي.چوڻ جو مقصد ته پاڻي ۽ خاص ڪري سنڌو درياهه جي بقا لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهجي ٿو.

هن وقت جيڪو ماحول جڙي چڪو آهي سو شيخ اياز جي هن شعر جهڙو آهي ته ”سنڌڙيءَ تي سر  ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير او ميار  او يار!“  ڪوبه باضمير ماڻهو اهڙي ميار کڻڻ لاءِ تيار ناهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪئنال مخالف تحريڪ ۾ هرڪو پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ پرجوش آهي. هاڻي ڪير اهو نه ٿو ڏسي ته ڪئنالن جي خلاف ڪهڙي جماعت ۽ ڪهڙي ڌر سڏ ڏنو آهي. هر سڏ کي لبيڪ ڪيو پيو وڃي. ڪنهن اهو نه ڏٺو آهي ته هيءَ وڪيلن جي تحريڪ آهي ته شايد صرف وڪيلن کي شريڪ ٿيڻو آهي نه هر ڌر هر مڪتبهءَ  فڪر جي ماڻهوءَ وڪيلن جي تحريڪ ۽ مارچ کي پنهنجو سڏ سمجهيو ۽ ڀرپور حصو ورتو.

ٻٻرلوءِ  باءِ پاس وٽ شديد گرمي ۾ ڌرڻي لاءِ جڏهن وڪيلن جو قافلو پهتو ته رپورٽون آهن ته سندن نه رڳو ڀرپور آجيان ڪئي وئي، مٿن گلن جي ورکا ڪئي وئي پر سندن هر قسم جوخيال به ڪيو ويو. سندن لاءِ  عوام پاڻي توڙي کائڻ جو پاڻمرادو انتظام پئي ڪيو جنهن کان جيڪو ٿي پئي سگهيو سو ڪيو پئي ويو، مثال ڪير پاڻي جون بوتلون وڪرو ڪرڻ  جو ڪاروبار ڪندڙ هو ته ان قومي جذبي تحت مفت پاڻي جون بوتلون مهيا پئي ڪيون. ائين وڪيل برادري جي تحريڪ ۾ هر ڪنهن سڌي توڙي اڻ سڌي طريقي سان سان پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو.

هاڻي جڏهن وڪيل برادريءَ  فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين وفاقي حڪومت نوٽيفڪيشن ڪڍي ڪئنالن جو منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان نه ڪندي تيستائين ڌرڻو جاري رهندو ته اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت کي جمهوري روح پٽاندڙ پنهنجي هڪ طرفي فيصلي تان هٿ کڻڻ گهرجي ۽ اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته ڪئنالن جي منصوبي جا اڪثريتي صوبا مخالف آهن. ٻيو ته ڇڏيو هاڻي پنجاب مان به ڪئنال جي منصوبي خلا ف آواز اٿي رهيا آهن. ڪي سنڌ جي حق ۾ آهن ته ڪي وري سوال اٿاري رهيا آهن ته چولستان ڪئنال کي پنجاب جي ڪهڙي نديءَ  مان پاڻي ڏنو ويندو ۽ ڪهڙي شهر جي پاڻي جي حصي مان ڪٽوتي ٿيندي جيڪڏهن بقول وفاقي حڪومت جي ته چولستان ڪئنال کي پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيندو.

 ان حوالي سان اها به حقيقت آهي ته خود پنجاب جي عوام کي به گمراهه ڪيو پيو وڃي. عام تاثر اهو ڏنو پيو وڃي ته سنڌو درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ڪري ضايع ٿي رهيو آهي، ٻيو اها گمراهه ڪن پروپئگنڊا ڪئي ويندي آهي ته ٻين ملڪن ۾ پاڻي جا ذخيرا جمع ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته حقيقتون  ڪي ٻيون آهن. دنيا جو ڪو درياهه ناهي جيڪو سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪندو هجي. ڪنهن به درياهه جي بقا ئي  ان ۾ هوندي آهي ته اهو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. ٻيو ته ڪيترن ملڪن ۾ صرف هڪ درياهه ناهي  هوندو ٽي چار درياهه هوندا آهن ۽ اتي چين وانگر معمول موجب برساتون به پونديون  رهن ته ظاهر آهي ته اهي برساتي پاڻي کي جمع ڪرڻ لاءِ  ڊيم ٺاهي سگهن ٿا پر ڪنهن به ملڪ ۾ ائين ناهي ٿيندو ته  درياهه جي پڇاڙ واري علائقي کي سڪائي انهن جو پاڻي بند ڪري پنهنجيون زمينون سايون ڪيون وڃن. سو ٻين ملڪن ۽ پاڪستان جي صورتحال مختلف آهي. هتي پاڻي جي ورهاست جو به هتي ڪو منصفاڻو ۽ مستند طريقو ناهي جو  خبر پوي ته  واقعي  به هر صوبي کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي ٿو يا نه. باقي سنڌ جي حوالي سان زميني حقيقتون ته عالم آشڪار آهن. سنڌ جي ڊيلٽا ته ڇا سنڌ جي سرحد اندر سڄي سنڌو نديءَ سڪل نظر اچي رهي آهي سنڌ کي جيڪڏهن پنهنجي حصي جو پاڻي ملي ها ته اهو نديءَ ۾ نظر به اچي ها، لڪائڻ جهڙي ته ڪا ڳالهه ئي ناهي. وفاقي حڪومت جا وزير چون ٿا ته ڀلا هڪ ڪئنال ٺهيو ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي. سنڌ ۾ سڄي سنڌو ندي  سڪي پئي آهي اڃان ڪهڙي قيامت ايندي؟ واڌو ڊيم يا ڪئنال تڏهن ٺاهيا ويندا آهن جڏهن پاڻي جهجهي مقدار ۾ هجي هتي سنڌ اندر سڀ ڪئنال سڪا پيا آهن اهڙي صورت ۾ سنڌوءَ درياهه مٿان هڪ به نئون ڪئنال يا ڊيم ٺاهڻ جي نه ڪا گنجائش آهي ۽ نه ئي ضرورت. وڪيل برادري سميت سڄي سنڌ جي عوام جو اهو ئي مطالبو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.