ڪشمور (رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي) سنڌو مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيل برادري پاران ڪشمور سول ڪورٽ آڏو ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسن طرف تعلقي بار جي وڪيلن ڪرسيون رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري روڊ بند ٿي ويو، سنڌ پنجاب بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي تعلقي بار جي صدر جي اڳواڻي ۾ وڪيل برادري مير حمزه شيخ، بادل شيخ، منظور چاچڙ، علي مراد چاچڙ ۽ ٻين وڪيلن سنڌو مٿان ڪئنال نامنظور جا نعرا لڳائيندي حڪومتي فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو .